ڊيري فارمرز جو کير جي قيمت ۾ 50 رپيا في ڪلو واڌ جو مطالبو

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊيري فارمرز کير جي قيمت ۾ 50 رپيا في ڪلو واڌ جو مطالبو ڪيو آهي، ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريسڪانفرنس ڪندي ڊيري فارمرز ايسوسيئيشن جي اڳواڻن چيو ته  ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ڪراچي جا ڊيري فارمرز سخت متاثر ٿيا آهن، پريس ڪانفرنس ۾ اڳواڻن چيو ته  ٻوڏ جي تباهڪارين سبب ڊيري فارمرز سخت متاثر ٿيا آهن، شهر ۾ روزانو 50 لک ليٽر کير جي فراهمي ۽ 10 لک کان وڌيڪ جانور موجود آهن، ڊيري انڊسٽري ۾ 30 سيڪڙو خرچ وڌي ويا، پهرين آڪٽوبر تائين قيمت نه وڌائي وئي ته احتجاج ٿيندو، جيڪڏهن قيمتون اهڙيءَ طرح وڌنديون رهيون ته جانورن جي بک سان مرڻ جو خطرو آهي، جڏهن ته کير جي مد ۾ روزانو 30 ڪروڙ رپين جو نقصان ٿي رهيو آهي، هن زور ڏنو ته کير جي قيمت في ليٽر 50 رپيا وڌائڻ اڻٽر ٿي چڪو آهي، جيڪڏهن پهرين آڪٽوبر تائين قيمت وڌائڻ جو نوٽيفڪيشن جاري نه ٿيو ته وزيراعليٰ هائوس آڏو احتجاج ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.