اسلام آباد (بيورو) معاشي بحران ۾ ڦاٿل ملڪ ۾ هڪ سينيئر سرڪاري آفيسر جي ڌيءَ جي شاهي شادي تي لڳ ڀڳ 24 ڪروڙ 80 لک رپيا خرچ ڪيا ويا، جنهن سماج ۾ اميرن جي طرزِ زندگي ۽ ٽيڪس نظام ۾ سندن معمولي حصي جي واضح فرق کي بي نقاب ڪري ڇڏيو، ايف بي آر کي هڪ هاءِ پروفائل ڪيس ملي ويو جنهن ۾ ڇهن تقريبن تي وڏا خرچ ڪيا ويا، پر انهن کي نه ته ٽيڪس ريٽرن ۾ ظاهر ڪيو ويو ۽ نه ئي ڪو قانوني جواز پيش ٿيو، صرف سجاوٽ ۽ جڳهن جي چونڊ تي 4 ڪروڙ خرچ ٿيا، جڏهن ته 400 مهمانن جي کاڌ خوراڪ تي 3 ڪروڙ لڳا، سائوٿ ايشيا جي ڊيزائنرز جا لباس 3 ڪروڙ ۾ تيار ڪرايا ويا، زيورن تي 8 ڪروڙ خرچ ٿيو ۽ ميڪ اپ، اسٽائلنگ، تفريح ۽ فوٽوگرافي لاءِ 3 ڪروڙ رپيا لڳايا ويا، دعوت ناما، تحفا ۽ مشاورت تي به لڳ ڀڳ 2 ڪروڙ 80 لک خرچ ڪيا ويا، ذريعن موجب تقريب کي وڌيڪ شاندار ڏيکارڻ لاءِ ڊرون فٽيج، آتشبازي، ملٽي ڪورس کاڌا، هٿ سان تيار ڪيل دعوت ناما ۽ ذاتي نوعيت جا تحفا پڻ شامل هئا، پر ايف بي آر جي موجب انهن خرچن جو ڪوبه ٽيڪس ڊيڪليئريشن موجود ناهي ۽ آمدني جا ذريعا به اڻڄاتل آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته سڀ ادائگيون نقد ۾ ڪيون ويون ته جيئن ٽيڪس کان بچي سگهجي، ڪنوار جا ڪينيڊا، برطانيه، ميڪسيڪو ۽ دبئي جا دورا به ظاهر ڪن ٿا ته سندس اصل زندگي ٽيڪس گوشوارن ۾ ٻڌايل کان ڪٿي وڌيڪ شاندار آهي، ٽيڪس اختيارين هن ڪيس کي ملڪ ۾ ٽيڪس چوري ۽ پوشيده معيشت جي بهترين مثال قرار ڏنو آهي، جتي امير طبقي جون شاديون ۽ ٻاهرين سفرن جا خرچ ڪڏهن به ٽيڪس جي دائري ۾ نه آندا وڃن ٿا.