نيويارڪ(م ڊ) هندستان جي پرڏيهي وزير ايس. جي. شنڪر پاران اقوام متحده ۾ پاڪستان جو نالو نه وٺندي تنقيد ڪرڻ ۽ انڊين نمائندي پاران پاڪستان کي ’ٽيررستان‘ چوڻ تي پاڪستان پاران سخت ردعمل سامهون آيو آهي۔ شنڪر گڏيل قومن جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي نالو وٺڻ کان سواءِ چيو ته، اسان جو هڪ پاڙيسري ملڪ طويل عرصي کان دهشتگردي جو مرڪز رهيو آهي۔هن چيو ته، ”گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن کان، وڏن عالمي دهشتگرد حملن جا سراغ انهيءَ ملڪ ڏانهن وڃن ٿا۔ اپريل ۾ پهلگام ۾ معصوم سياحن جو قتل ان جا تازا مثال آهن۔“ان بيان تي گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن جي انڊر سيڪريٽري محمد راشد سخت ردعمل ڏيندي چيو ته، شنڪر جو بيان پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي. هن چيو ته، ”حقيقت ۾ ته انڊيا پاڻ دهشتگردن جو سهولتڪار آهي،.محمد راشد وڌيڪ چيو ته، ”سچ اهو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف 90 هزار کان وڌيڪ جانيون قربان ڪيون آهن، جنهن کي عالمي برادري به تسليم ڪري ٿي. ان بيان تي ڀارتي مشن جي سيڪنڊ سيڪريٽري سرينواس جواب ڏيندي چيو ته، ”انڊين پرڏيهي وزير پنهنجي تقرير ۾ ڪنهن به ملڪ جو نالو نه ورتو هو، پر پاڪستان ان تي ردعمل ڏيئي پاڻ تسليم ڪري ورتو ته سرحد پار دهشتگردي جو مرڪز آهي۔“ هن چيو ته، ”ڪو به دليل يا ڪوڙ ٽيررستان جي ڏوهن کي لڪائي نٿو سگهي۔انڊين نمائندي جي بيان تي ٻيهر جواب ڏيندي، پاڪستاني نمائندي محمد راشد چيو ته،اهو انتهائي شرمناڪ آهي ته انڊيا اقوام متحده جي هڪ ميمبر ملڪ جو نالو بگاڙي رهيو آهي. هن چيو تههڪ خودمختيار رياست جي نالي جو مذاق اڏائڻ، سڄي قوم کي بدنام ڪرڻ ۽ انهن جي توهين ڪرڻ جي هڪ شعوري ڪوشش آهي۔“