سنڌ سولر منصوبي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن جي نئين ڪهاڻي سامهون اچي وئي؟

ڪراچي (فهيم صديقي) ورلڊ بينڪ کان ورتل 100 ملين ڊالرن جي قرض تي هلايل سنڌ سولر انرجِي پروجيڪٽ ۾ وڏيون بي ضابطگيون ٿيون. دستاويز موجب هي پروجيڪٽ 9 جنوري 2019ع تي ورلڊ بينڪ ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٿيل معاهدي هيٺ شروع ٿيو، جنهن جا 4 حصا هئا، هڪ حصي جو مقصد 400 ميگا واٽ جو سولر پارڪ ٺاهڻ هو، ان منصوبي لاءِ 40 ملين ڊالر رقم رکي وئي (پاڪستاني 11 ارب رپين کان وڌيڪ) منصوبي ۾ ڪي اليڪٽرڪ کي به شامل ڪيو ويو، جيئن لوڊشيڊنگ تي ضابطو آڻجي، ان لاءِ هڪ فرم بٽس فيڪٽر هائر ڪئي وئي ۽ زمين جي ڳولا شروع ڪئي وئي. حب ويجهو ديهه هلڪاڻي ۽ ديهه ميٺا گهر، ملير ويجهو ديهه مراد ۽ ڄامشوري ويجهو مانجهند ۾ جنوري 2023 ۾ 4 هنڌن کي ڏٺو ويو ۽ لاڳاپيل کاتن سان ليز لاءِ ڳالهيون ڪيون ويون. ان دوران ٻن ٺيڪيدارن عبدالستار ڪمپني ۽ حاجي سراج کي چئني هنڌن جي زمين ليول ڪرڻ بائونڊري وال جو ٺيڪو ڏنو ويو، بائونڊري وال 4 هنڌن تي 22 ڪلوميٽر ٺهڻي هئي، پر ٻنهي ٺيڪيدارن کي مڪمل ادائيگي ايڊوانس ۾ ڪئي وئي. هڪ کي ڏيڍ ارب، ٻئي کي هڪ ارب، پر اڄ تائين 10 سيڪڙو کان به گهٽ ڪم ٿيو آهي. معاهدي موجب سولر پارڪ سيپٽمبر 2023 ۾ مڪمل ٿيڻا هئا پر 2 سالن جي وڌيڪ مهلت ورتي وئي هئي جيڪا پڻ پوري نه ٿي رهي آهي. سولر پارڪ جي زمين ڪروڙين رپين جي ادائيگي کانپوءِ مئي 2023 ۾ روينيو کاتي  پاران  توانائي کاتي کي 30 سالن جي ليز سان ملي چڪي آهي. پر اڃا ادائيگي رڳو 10 سالن جي ليز جي ڪئي وئي آهي. حقيقت اها آهي ته سولر منصوبي تي مجموعي طور تي هڪ سيڪڙو ڪم به ناهي ٿيو ۽ ليز جا اڍائي سال گذري ويا آهن. هن منصوبي ۾ تقريبن 10 ملين ڊالر (3 ارب رپيا پاڪستاني) جي ڪرپشن ٿي آهي،سولر منصوبي مان بچيل پيسا ورلڊ بينڪ کي واپس ڏيڻ بدران منصوبي کي روائز ڪندي ٻئي منصوبي ۾ منتقل ڪيا ويا،. ٻئي منصوبي ۾ 56 هنڌن تي سولر سسٽم لڳائڻا هئا. 2019 ۾ سولر پارڪ لاءِ رکيل 40 ملين ڊالر مان اهو منصوبو 15 ملين ڊالر تي بند ڪري 25 ملين ڊالر ٻئي شعبي ايس ايس اي پي ڏانهن منتقل ڪيو ويو، جيڪو بعد ۾ 50 ملين ڊالر جو ٿي ويو. جنهن جو مقصد پهريان سرڪاري اسپتالن ۽ پوءِ آفيسن کي سولر تي منتقل ڪرڻ هو پر اتي به ڪرپشن ٿي. اسپتالن کي 6 مهينن ۾ سولر تي منتقل ڪرڻو هو پر منصوبو اڍائي سالن ۾ به پورو نه ٿيو. سڀ سولر سسٽم بند پيل آهن ۽ سولر پينل گم آهن. 2022 ۾ سنڌ ۾ ٻوڏ اچي وئي، يو ايس ايڊ جيڪب آباد جي پمپنگ اسٽيشن کي سولر تي منتقل ڪرڻ لاءِ خط لکيو. خط سنڌ سولر انرجي کاتي ۾ پهتو. ورلڊ بينڪ به ايس اي سي پي کي چيو ته جيڪب آباد پمپنگ اسٽيشن کي منصوبي ۾ شامل ڪريو. طئي ٿيو ته جيڪب آباد پمپنگ اسٽيشن تي هڪ ڏهائي 4 ميگاواٽ جو سولر سسٽم لڳايو ويندو. ان وقت به محفوظ قاضي ايس ايس اي پي جو پراجيڪٽ ڊائريڪٽر هو، سولر ڪمپني سرج انرجي جو مالڪ روحيل حسين ۽ محفوظ قاضي جو فرنٽ مين به شامل هو. لاهور جي ننگبو نالي ڪمپني، کي اڳ ۾ بليڪ لسٽ ڪرڻ جو فيصلو ٿيو هو، ان کي وري جنوري 2023 ۾ ٺيڪو ڏنو ويو جڏهن ته ڪمپني کي منصوبي جي 80 سيڪڙو رقم (13 ڪروڙ رپيا) آڪٽوبر ۽ نومبر 2022 ۾ ئي ڏني وئي هئي. 21 نومبر تي اها رقم ننگبو جي اڪائونٽ ۾ آئي ۽ ٻئي ڏينهن وري وري روحيل حسين جي ڪمپني سرج انرجي جي اڪائونٽ ۾  منتقل ٿي وئي. ننگبو کي ڪورونا دوران سنڌ جي 6 اسپتالن کي سولر تي منتقل ڪرڻ جو ٺيڪو ڏنو ويو هو، ان وقت به کيس 80 سيڪڙو رقم اڳواٽ ڏني وئي هئي، پر ننگبو جيڪو سامان درآمد ڪيو هو اهو اسپتالن ۾ لڳائڻ بدران بازار ۾ وڪرو ڪيو ويو. اهو معاملو سامهون اچڻ بعد ننگبو کي بليڪ لسٽ ڪرڻ تي غور ٿيو پر آگسٽ 2022 ۾ محفوظ قاضي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر بڻيو. ۽ ننگبو زيرو کان هيرو بڻجي وئي. ورلڊ بينڪ به ان تي اعتراض ڪيو هو. روحيل حسين ننگبو ڪمپني سان ڊيل ڪئي، جيڪب آباد پمپنگ اسٽيشن لاءِ ننگبو کي ڏنل هڪ ٺيڪي جي پوري ادائيگي ان جي اڪائونٽ ۾ اچڻ کان هڪ ڏينهن پوءِ رُوحيل حسين جي ڪمپني سرج انرجِي ۽ روحيل حسين جي ڀاءُ سرج ڪمپني جي ڊائريڪٽر شيراز حسين ڏانهن منتقل ڪئي وئي. روحيل حسين، منصوبي جي ڊائريڪٽر محفوظ قاضي جو فرنٽ مين آهي ۽ سمورا معاملا هو سنڀالي رهيو هو. جيڪب آباد ۾ پمپنگ اسٽيشن تي سولر سسٽم لڳائڻ وارو منصوبو اڄ بند پيو آهي. ان تي ورلڊ بينڪ جا 30 ڪروڙ رپيا ٻڏي ويا آهن.  يو ايس ايڊ جنهن سنڌ حڪومت کي درخواست ڪئي هئي، هاڻي اهي شڪايتون ڪري رهيا آهن. ايس ايس اي پي جي جي رڪارڊ ۾ منصوبو مڪمل پيو آهي. پر ٺيڪيدار کي سرٽيفڪيٽ به جاري ٿي چڪو آهي ۽ ادائيگي به ٿي چڪي آهي. ٺيڪيدار کي جيڪو معاهدي جي مڪمل ٿيڻ جو سرٽيفڪيٽ ڏنو ويندو آهي ان لاءِ فرم هائر ڪئي ويندي آهي، ورلڊ بينڪ ملٽي ڪنسلٽ نالي ڪمپني جو نالو ڏنو هو پر بعد ۾ ان کي ڪڍي رينوبل اسٽار نالي ڪنسلٽنٽ ڪمپني شامل ٿي جنهن ۾ ڪرتا ڌرتا شارق احمد هو جيڪو اڳوڻي ملٽي ڪنسلٽ ڪمپني ۾ رهي چڪو هو. ان سرٽيفڪيٽ جي في 10 لک رپيا هوندي آهي. جيڪب آباد پمپنگ اسٽيشن جو ٺيڪو ننگبو کي ڏيڻ تي ورلڊ بينڪ جو ادارو آءِ اين ٽي (انٽيگريٽ وائيس پريزيڊنسي) به حرڪت ۾ اچي ويو هو. هن شعبي سنڌ سولر انرجي کاتي کي خط لکي سوال ڪيو ته اهو ٺيڪو ننگبو کي ڇو ڏنو ويو؟ جڏهن ته  ورلڊ بينڪ سان اهو به معاهدو ٿيو هو ته منصوبن سان گڏ آن لائن واءِ فاءِ سسٽم لڳندو ته ڪهڙو سسٽم ڪيتري بجلي پيدا ڪري رهيو آهي پر ڪو به آن لائن سسٽم ناهي لڳايو ويو. منصوبي کانپوءِ مانيٽرنگ سسٽم يا نگراني لاءِ ٺيڪيدار کي رقم ادا ڪئي ويندي آهي جنهن کي او اين ايم، (آپريشن ۽ مينٽيننس) ٺيڪيدار کي ٻڌائڻو پوندو آهي ته ڪهڙو سسٽم ڪيتري بجلي پيدا ڪري ٿو ۽ مينٽيننس تي ڪيترو خرچ اچي ٿو. پر بنا مانيٽرنگ سسٽم جي ٺيڪيدارن کي اها رقم باقاعده ڪميشن سان گڏ ڏني وئي. هر ٽن کان 4 مهينن ۾ ٺيڪيدار کي گهر ويٺي 3 کان 4 ملين رپيا ملن ٿا. هڪ وڊيو ۾ آفيسر ۽ سندس هڪ ماڻهو ڪراچي ۾ آفيس ۾ ڳالهائيندي ڏسجن ٿا. جنهن ۾ آفيسر 1.4 (هڪ ڪروڙ 40 لک رپيا) جي رقم حيدرآباد پهچائڻ لاءِ چئي رهيو آهي ۽ آڊٽ وقت ڪنهن ڪرپٽ آفيسر يا ٻئي کاتي جي ڪرپٽ آفيسر کي ڏيڻ لاءِ 60 لک رپيا آفيس ۾ رکڻ جو چئي رهيو آهي،  هن وڊيو ۾ آفيسر آفيس ۾ رکيل رقم بابت ڊڄي به رهيو آهي ۽ چئي رهيو آهي ته ايتري رقم آفيس ۾ رکڻ رسڪ به آهي، ڇو ته ان وقت آڊٽ هلي رهي هئي. هو ان رقم مان ڪمائڻ به چاهي پيو ۽ محفوظ به رکڻ چاهي پيو. هو ان لاءِ ڪٿي سيڙپڪاري جون صلاحون به وٺندي نظر آيو. ٻيو شخص بحريا ۾ انويسٽ ڪرڻ جون صلاحون ڏئي ٿو. اهو سڀ آشيرواد کانسواءِ ممڪن ناهي. سموري گيم پٺيان ڪير آهي، اهو اڳ سامهون اچي چڪو آهي. ورلڊ بينڪ جو ڪردار به ان معاملي ۾ ڪردار شڪي آهي. ورلڊ بينڪ کي ڪرپشن جون شڪايتون اڳ ئي ڪيون ويون هيون. ادارن ۽ ورلڊ بينڪ جي خاموشي جي نتيجي ۾ سنڌ جو عوام هر گذرندڙ ڏينهن عالمي قرض هيٺان دٻجي رهيو آهي.

نوٽ: هي تجزيو، روزاني عوامي آواز، سومر 29 سيپٽمبر 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.