غزا (م ڊ) غزا ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي فضائي ۽ زميني حملن سبب گهٽ ۾ گهٽ 35 فلسطيني شهيد ٿي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا، غزا سٽي جي الانجيل عرب اسپتال موجب، وچ غزا ۾ هڪ گهر تي بمباري ۾ گهٽ ۾ گهٽ 11 ڄڻا مارجي ويا، جن ۾ گهڻائي عورتون ۽ ٻار شامل هئا، طبي عملي ٻڌايو ته نصيرت پناهگيرن جي ڪيمپ تي حملي ۾ هڪ ئي خاندان جا 9 ڀاتي شهيد ٿيا، جڏهن ته وچ ۽ ڏکڻ غزا ۾ امداد حاصل ڪرڻ دوران به گهٽ ۾ گهٽ 6 ماڻهو مارجي ويا، اهي حملا اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي گڏيل قومن ۾ تقرير کان هڪ ڏينهن پوءِ ٿيا، جنهن ۾ هن چيو هو ته حماس خلاف آپريشن مڪمل ڪيو ويندو ۽ يرغمالين کي هر قيمت تي واپس آندو ويندو، ياد رهي ته لکين ماڻهو اڳ ئي ان علائقي جي سڀ کان وڏي شهري مرڪز مان لڏپلاڻ ڪري چڪا آهن.