علي امين گنڊاپور جو دهشتگردن جي حق ۾ ڏنل بيان

تحرير: سيد مجاھد علي

خيبر پختونخواه جي وزيراعظم علي امين گنڊا پور پشاور ۾ تحريڪِ انصاف جي بينر هيٺ منعقد ٿيل جلسي دوران اعلان ڪيو آهي ته سندن حڪومت صوبي ۾ دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن جي حمايت نه ڪندي ۽ نه ئي ان جي اجازت ڏيندي. هن وفاقي حڪومت ۽ ’ادارن‘ کي صلاح ڏني آهي ته افغانستان سان ڳالهه ٻولهه ذريعي هن مسئلي جو حل ڳوليو وڃي. علي امين گنڊا پور جو هي بيان ان حقيقت جي باوجود ڏنو ويو آهي ته پاڪستان گذريل ڪجهه سالن کان ڪيترن ئي فورمن تي افغان حڪومت کي مشورو ڏيندو رهيو آهي ته هو پاڪستان ۾ حملا ڪندڙ دهشتگردن جي سرپرستي ڇڏي. پاڪستان سڌو سنئون ڪابل حڪومت جي ڌيان ۾ هي معاملو آندو، پر اتي بيانن کانسواءِ ڪو خاص ردِ عمل نظر نه آيو. اهڙي حالتن ۾ واضح ٿي چڪو آهي ته افغانستان ۾ طالبان جي حڪومت هن معاملي ۾ پاڪستان سان تعاون ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. تحريڪِ طالبان پاڪستان جا دهشتگرد افغانستان ۾ رهائش پذير آهن ۽ اتي ئي تربيت حاصل ڪري پاڪستان ۾ حملا ڪندا آهن. اهي عنصر نه رڳو عسڪري هنڌن تي پر شهرين کي به نشانو بڻائڻ ۾ ملوث رهيا آهن.

دهشتگردي خلاف عالمي راءِ ۾ اختلاف ڪونهي. اها طئي ٿيل حقيقت آهي ته ڪنهن به ملڪ لاءِ مناسب ناهي ته هو ڪنهن دهشتگرد گروهه سان ڳالهين ذريعي معاملا حل ڪري ۽ انهن عناصرن کان جنگ بند ڪرڻ ۽ غيرقانوني تشدد بند ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو ويندو آهي. هن سلسلي ۾ دهشتگردي جي تعريف يا ڪمن جي طريقيڪار تي اختلاف ٿي سگهي ٿو، پر بنيادي اصول اها آهي ته ڪنهن رياست يا عوام جي خلاف هٿيار کڻڻ ۽ هٿيارن جي زور تي مطالبا مڃرائيندڙن سان ڳالهين ڪرڻ يا انهن جي مطالبن کي مڃڻ ممڪن ڪونهي. پاڪستان کي درپيش صورتحال کي جيڪڏهن   ڀارت  سان جنگ جي حوالي سان ڏٺو وڃي ته معلوم ٿئي ٿو ته ڀارت مبينا دهشتگردن جي ٽريننگ ڪيمپن کي تباهه ڪرڻ لاءِ 7 مئي تي پاڪستان جي بين الاقوامي حدون پار ڪري حملا ڪري چڪو هو، جنهن جي جواب ۾ پاڪستان کي به جوابي ڪارروائي ڪرڻي پئي، پوءِ آمريڪا جي مداخلت سان اها جنگ روڪي وئي. ڀارت جو مستقل موقف آهي ته پاڪستان دهشتگردن جي سرپرستي ڪندو آهي، تنهنڪري ان سان ڳالهه ٻولهه ممڪن ناهي. جڏهن ته پاڪستان هر فورم تي ڀارت سان رابطا ۽ ڳالهين جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي. ڀارت جو الزام ڪوڙ تي ٻڌل آهي ڇو ته ان ملڪ جي حاڪميت ڪندڙ ٽولي کي پنهنجي ووٽرن کي ڌوکو ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي ضرورت رهي آهي. ڀارت دهشتگردي جي الزام کي استعمال ڪري سياسي مقصد حاصل ڪرڻ چاهي ٿو. ان جي بنيادي سببن مان هڪ اهو ئي آهي ته دهشتگردي دنيا جي هر ملڪ ۽ هر فورم تي ناقابلِ قبول سمجهي وڃي ٿي ۽ عالمي راءِ انهي کي قبول ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. انهيءَ سبب جي ڪري ڀارت پاڪستان تي ۽ پاڪستان ڀارت تي دهشتگردي جي حمايت جا الزام لڳائيندا رهن ٿا ۽ ڀارت ته هر شعبي ۾ پاڪستان سان لاڳاپا ختم ڪرڻ واري پاليسي اختيار ڪري چڪو آهي. ان پس منظر ۾ جيڪڏهن خيبر پختونخواه حڪومت ۽ تحريڪِ انصاف جي موقف تي غور ڪيو وڃي ته اهي چاهين ٿا ته وفاقي حڪومت دهشتگردن جي سامهون پسپائي اختيار ڪري ۽ انهن جي پٺڀرائي ڪندڙ طالبان حڪومت سان ڳالهه ٻولهه ذريعي معاملا حل ڪيا وڃن. بدقسمتي سان ماضيءَ ۾ اهڙيون ڪوششون ناڪام ٿي چڪيون آهن. مسلم ليگ (ن) جي حڪومت سميت تحريڪِ انصاف جي حڪومت پڻ اهڙيون ڪوششون ڪيون ۽ دهشتگردي ۾ ملوث عنصرن کي پاڪستان ۾ پُرامن زندگي گذارڻ جي اجازت ڏني وئي. هاڻي اهي ئي عنصر ٻيهر هٿياربند ٿي رياستِ پاڪستان جي خلاف سرگرم ٿي ويا آهن.

تحريڪِ طالبان پاڪستان ڪنهن سياسي مطالبي جي بنياد تي دهشتگردي ۾ ملوث ناهي پر هو پاڪستاني رياست جي موجوه نظام کي تبديل ڪري پنهنجو نظام نافذ ڪرڻ چاهي ٿي. هي هڪ خطرناڪ عمل آهي. ان کي مڃڻ يا اهڙن عنصرن سان نرم رويو اختيار ڪرڻ سان ملڪ ۾ دهشتگردي جي شروعات ٿي سگهي ٿي. ان جو واحد حل اهو آهي ته هٿيار ڇڏي، معصوم ماڻهن کي نشانو بڻائي پنهنجا مطالبا مڃرائڻ جي ڪوشش ڪندڙ عنصرن کي رد ڪيو وڃي ۽ انهن جو مڪمل خاتمو ڪرڻ لاءِ هر قسم جا وسيلا استعمال ڪيا وڃن. انهيءَ جدوجهد ۾ ئي پاڪستان جو امن ۽ محفوظ مستقبل  سمايل آهي، پر ان جي ابتڙ، تحريڪِ انصاف ۽ خيبر پختونخواه حڪومت دهشتگردن سان همدردي جو ڪو به موقعو وڃائڻ نٿيون ڏين. خاص طور تي خيبر پختونخواه جي وڏي وزير علي امين گنڊا پور جنهن دهشتگردن لاءِ نرم گوشو ظاهر ڪيو، ان سان سندس ئي صوبي ۾ سرگرم انتها پسند ٽولن جي همٿ افزائي ٿيندي ۽ اهو رويو خيبرپختوخواهه جي عوام ۽ ملڪ سان ڌوکيبازي جي برابر آهي. اهو فيصلو وفاقي حڪومت جو هجڻ گهرجي ته ڪنهن مرحلي تي ڪنهن ملڪ سان ڳالهين ذريعي معاملا طئي ٿي سگهن ٿا. دهشتگردن جو صفايو ڪرڻ لاءِ روزانو سيڪيورٽي فورسن جا جوان ۽ آفيسر شهيد ٿين پيا. اهي ماڻهو پنهنجي ملڪ جي عوام کي دهشتگردي کان نجات ڏيارڻ لاءِ پنهنجون زندگيون قربان ڪري رهيا آهن،  اهڙين حالتن ۾ جيڪڏهن ڪو حڪومتي ۽ سياسي اڳواڻ عوامي جلسي ۾ دهشتگردن کي سياسي جاءِ ڏئي ۽ اهو تاثر پيش ڪري ته ان صوبي جا ماڻهو درحقيقت پاڻ کي بچائيندڙن جي بجاءِ انهن تي حملا ڪندڙن ۽ انهن کي قتل ڪندڙن سان آهن ته انهيءَ سان تخريبي عنصرن کي همت ملندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.