ڪنڌڪوٽ (پ ر) ڌاڙيل راڄ، 27هين آئيني ترميم ذريعي سنڌ ۾ نئون صوبو ٺاهڻ جي سازش، ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان اڄ 28 سيپٽمبر تي ڪنڌڪوٽ ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي ويندي، جنهن جون تياريون مڪمل ٿي ويون، ڪميٽي جو اجلاس عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري جي صدارت هيٺ ڪنڌڪوٽ ۾ ٿيو، جنهن ۾ مرڪزي اڳواڻن، ضلعي عهديدارن ۽ ڪارڪنن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري چيو ته سنڌ کي ڌاڙيل راڄ ۽ قبائلي دهشتگردي ذريعي صديون پٺتي ڌڪيو ويو آهي، ماڻهن جون زندگيون ۽ ڪاروبار محفوظ نه آهن. حڪمران ڌاڙيلن خلاف اثرائتو آپريشن ڪرڻ بدران کين رياستي سرپرستي مهيا ڪري رهيا آهن، جنهن سبب معصوم ماڻهو قتل ٿي رهيا آهن، عورتون ۽ ٻارڙا اغوا ٿي رهيا آهن، ڪاروبار ۽ تعليم تباهه ٿي رهي آهي ۽ ماڻهو پنهنجي ئي وطن ۾ يرغمال بڻيل آهن، عوامي تحريڪ سنڌ کي ٽڪرا ڪرڻ جي ڪنهن به منصوبي کي قبول نه ڪندي ۽ اهڙي ڪنهن به سازش خلاف هر محاذ تي ڀرپور جدوجهد ڪئي ويندي. وسند ٿري ڪارپوريٽ فارمنگ، نون ڊيمن ۽ ڪئنالن بابت چيو ته اهي منصوبا سنڌ جي زمين ۽ پاڻيءَ تي قبضي ۽ ماڻهن کي پنهنجن وسيلن کان محروم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا ويا آهن.