ڪراچي/سکر (رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آهي ته گريٽر اسرائيل جو خواب ڪڏهن به ساڀيان نه ٿيندو،فلسطينين جي نسل ڪشي جي ڪري عالمي طور اڪيلائي جو شڪار نيتن ياهو پاران گڏيل قومن جي اجلاس ۾ خالي ڪرسين کي خطاب ڪرڻ سندن انجام طرف اشارو آهي، امريڪي صدر ٽرمپ جي آشيرواد سان غزه ۾ معصوم فلسطيني عوام جو ٻن سالن کان قتل عام جاري آهي، شهباز حڪومت جو معصوم ٻارن سميت انسانيت جي قاتل کي ”امن جو داعي“ قرار ڏئي نوبل امن انعام لاءِ نامزد ڪرڻ وارو عمل شرمناڪ ۽ شهيدن جي خون سان غداري برابر آهي اهو فيصلو في الفور واپس ورتو وڃي.هڪ ڀيرو ٻيهر بگرام ائربيس تي قبضي جو بهانو بڻائي امارات اسلامي افغانستان سميت سڄي خطي کي باهه ۽ رت جي ڌُٻڻ ۾ ڌڪڻ واري امريڪي سازش جو حصو نه بڻجي.21کان 23 نومبر تي مينارِ پاڪستان لاهور ۾ ٿيندڙ اجتماع عام عوامي اميدن جو مرڪز ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن سکر ۾ اُتر سنڌ جي ضلعي اميرن جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو.