ڪراچي (رپورٽر) وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه کي ظلم جو شڪار ٿيل زخمي ڏاچي چاندني جي ميڊيڪل رپورٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ ڪاظم جتوئي طرفان موڪلي وئي، رپورٽ ۾ ڏاچي جي صحت جا تفصيل شامل آهن، رپورٽ موجب چاندني جو آپريشن ڪامياب ٿيو، جنهن دوران ڄاڙي جي هڏي ٺيڪ ڪئي وئي ۽ پوئين ساڄي پاسي جي ڄنگهه ڪٽڻي پئي، ماهر ڊاڪٽرن ٽي ڪلاڪ ڊگهي سرجري بنا رت وهڻ جي مڪمل ڪئي، جنهن ۾ ڊاڪٽر جاويد کوسو، ڊاڪٽر ذوالفقار اوٺو ۽ ڊاڪٽر علي گوپان شامل هئا، سيڪريٽري لائيو اسٽاڪ بريفنگ ۾ ٻڌايو ته چاندني هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، هوش ۾ اچي وئي آهي ۽ ٻن ڏينهن ۾ خوراڪ وٺڻ جي قابل ٿي ويندي، جڏهن ته ٽن کان پنج هفتن ۾ مڪمل کاڌو کائي سگهندي، في الحال ميڊيڪل ٽيم جو ڌيان ان جي صحتيابي تي آهي، وزيراعليٰ سنڌ هدايت ڪئي ته ڏاڍي جو بهترين علاج جاري رکيو وڃي ۽ زخم ڀرجڻ کان پوءِ ان کي مصنوعي ٽنگ لڳائڻ لاءِ ماهرن جي مدد ورتي وڃي، ياد رهي ته سکر جي روهڙي علائقي ۾ هڪ بااثر وڏيري ڏاچي کي تشدد جو نشانو بڻائي ان جي ڄنگهه ڀڃي ڇڏي هئي.