فيلڊ مارشل عمران خان جو مسئلو حل ڪري: علي امين گنڊاپور

پشاور (م ڊ) وزيراعليٰ خيبرپختونخواهه علي امين گنڊاپور پي ٽي آءِ جي جلسي دوران فيلڊ مارشل جنرل عاصم منير کي اپيل ڪئي ته  عمران خان جو مسئلو حل ڪيو وڃي ۽ عدالتن کي آئين موجب انصاف مهيا ڪرڻ جو پيغام ڏنو آهي، هن چيو ته عمران خان، سندس زال، پي ٽي آءِ جا ڪارڪن ۽ 25 ڪروڙ عوام کي آئيني انصاف ملڻ گهرجي، علي امين گنڊاپور چيو ته پاڪستان جو اڳوڻو وزيراعظم عمران خان گهڻي وقت کان جيل ۾ آهي ۽ ڪيترن ئي ڪيسن کي منهن ڏئي رهيو آهي، هن فيلڊ مارشل کي چيو ته جڏهن عمران خان چيو ته قوم فوج کي پنهنجو سمجهي ٿي ته پوءِ فوج جو فرض آهي  عمران خان جو مسئلو حل ڪري، پوري قوم اوهان سان گڏ بيٺل هوندي، هن چيو ته انساني حقن جي ڀڃڪڙين جو جواب ڏنو وڃي، اسان پنهنجي صوبي ۾ ڪنهن فوجي آپريشن جي اجازت نه ڏينداسين، ٻئي پاسي جلسي دوران خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي خطاب دوران ڪارڪنن اسٽيج ڏانهن بوتلون اُڇلايون، نعري بازي به ڪئي وئي، جلسي ۾ پي ٽي آءِ ڪارڪن عورتن جي پاسي داخل ٿي ويا ۽ عورتن جي سيٽن تي ويهي رهيا، جنهن تي پوليس ڌِڪا ڏئي ڪارڪنن کي پنڊال مان ٻاهر ڪڍيو، علي امين گنڊاپور وفاقي ادارن تي زور ڏنو ته افغانستان سان ڳالهيون ڪن ۽  ملڪ ۾ دهشتگردي جي مسئلي کي حل ڪن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.