ڪراچي (رپورٽ: عرفان بلوچ) ڪراچي جي ڊي ايڇ اي فيز ٽو ۾ مين ڪورنگي روڊ تي عمارت ۾ باھ لڳڻ سبب 2 عورتون فوت ۽ 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ريسڪيو اختيارين موجب عمارت جي پهرين ماڙ تي فيملي رهائش پذير هئي، باھ لڳڻ بعد اندر ڦاٿل ماڻهن کي ڪڍڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اختيارين ٻڌايو ته متاثر عمارت مان 8 ماڻهن کي ٻاهر ڪڍي اسپتال منتقل ڪيو ويو، جن مان 2 عورتون علاج دوران فوت ٿي ويون، نجي ٽي وي رپورٽن موجب فائر برگيڊ اختيارين جو چوڻ آهي ته ٽن ڪلاڪن جي جدوجهد بعد باهه تي ڪنٽرول ڪيو ويو، عمارت ۾ ڪولنگ ۽ سرچنگ جو عمل جاري رکيو ويو، ٻئي پاسي وڏي وزير مراد علي شاهه باهه واقعي تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ فوري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.