ڪراچي/ حيدرآباد/ سکر (نمائندن وٽان) سنڌ ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس پاران مطالبن جي مڃتا لاءِ پنجين ڏينهن به اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين آفيسز جي تالابندي برقرار رکي وئي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻن آفيسز جي تالابندي جو مدو 6 آڪٽوبر تائين ڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي اڳواڻ اشرف خاصخيلي ميڊيا کي ٻڌايو ته تالابندي 27 سيپٽمبر تائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو، سنڌ حڪومت احتجاج جو نوٽيس نه ورتو، تالابندي جو مدو وڌائي رهيا آهيون، هن چيو ته پريس ڪلبن آڏو 4 ڪلاڪن تائين علامتي بک هڙتالون به ٿينديون، اڳواڻن اعلان ڪيو ته 6 آڪٽوبر تي لکين ملازم بلاول هائوس آڏو گڏ ٿي ڌرڻو هڻندا، صحت کاتي جي ملازمن کي به احتجاج ۾ شامل ٿيڻ جي اپيل ڪيون ٿا، ٻئي پاسي سنڌ ايمپلائيز الائنس جي احتجاجي تحريڪ جي سلسلي ۾ موري ۾ جلسو ٿيو، لاڪ ڊائون 6 آڪٽوبر تائين وڌائڻ جو اعلان ڪيو ويو، ميڙ کي خطاب ڪندي حاجي محمد اشرف خاصخيلي چيو ته احتجاجي تحريڪ جي ٽئين مرحلي ۾ شروع ٿيل مڪمل لاڪ ڊائون جيڪو 27 سيپٽمبر تي ختم ٿيڻ وارو هو، ان بابت حيدرآباد ۾ ٿيل مرڪزي ڪاميٽي جي اجلاس ۾ وڏي غور ويچار کان پوءِ اهو فيصلو ڪيو ويو آهي ته لاڪ ڊائون کي وڌائي هاڻي 6 آڪٽوبر تائين جاري رکيو ويندو، سومر 29 سيپٽمبر ۽ اڱارو 30 سيپٽمبر تي سنڌ جي سڀني ضلعن جي پريس ڪلبن جي سامهون چار ڪلاڪن لاءِ علامتي بک هڙتال ڪيمپ لڳايا ويندا، گھوٽڪي ۾ صوبائي کاتي جي آفيسن جي تالا بند ڪري پريس ڪلب اڳيان ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، تعليم کاتي جي استاد محمد بخش عارباڻي، عبدالجبار شاهه، ڊاڪٽر مهتاب حسين سومرو،نور محمد انڊڙ،ارشد لکڻ، خان محمد سومرو، حاجي شير محمد سومرو،سيد زاهد حسين شاهه ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، عمرڪوٽ ۾ احتجاجي ڌرڻي دوران مختلف کاتن جي ملازمن خان محمد کوسو، رشيد احمد لاشاري، غلام نبي شاھاڻي، حاجي رفيق ڪنڀار، الهواريو ڪنڀار،عمر سميجو، رتن سنگهه سوڍو، راجا انور سميجو ۽ ٻين ضلعي جي ڪيترن ئي ملازمن شرڪت ڪئي، سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي مٺي، اسلام ڪوٽ، ڇاڇرو، ڏيپلو، ننگرپارڪر سميت ٻين شھرن ۾ پنجين ڏينھن تي به ملازمن جي قلم ڇڏ ھڙتال جاري رهي، آل سنڌ ايمپلائز الائنس جي سڏ تي ڄامشورو ۽ ڪوٽڙي سميت ڀرپاسي جي علائقن ۾ سرڪاري ملازمن پاران پنهنجن جائز مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج جو سلسلو پنجين ڏينهن به جاري رکيو ويو، ريلي جي اڳواڻي گسٽا صدر الطاف حسين ڏاوڇ ، اعجاز سولنگي ، گلشير ڪوريجو ، مير حسن سومرو ، وحيد قريشي ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا، لاڙڪاڻي ۾ ملازمن جي احتجاج جي اڳواڻي شاهي خان جاگيراڻي، غلام حسين قادري، ذوالفقار علي سهتو، قيصر خان لهر، قمرالدين شيخ، اعجاز علي چانڊيو، خليل احمد جتوئي، عامر ٽونيو، الهنواز منڱڻ، جميل احمد منڱڻ، فضل الرحمان ميمڻ، عبدالفتاح جمالي، عبدالفتاح ناريجو، غلام عباس سولنگي، ڪامريڊ اصغر مستوئي، صادق مسيعامع، برڪت علي کوسو، غلام علي کوسو ۽ ٻين ڪئي، نوشهروفيروز ۾ به سرڪاري ملازمن طرفان آفيسن جي تالابندي ڪري احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مٽياري ۾ به گسٽا، سپلا، پ ٽ الف، آل پاڪستان روينيو ايمپلائيز الائنس ۽ ٻين ادارن جي ملازمن پنجين ڏينهن به آچر خاصخيلي، گل محمد هموپوٽو، طلعت خاصخيلي، بشير احمد کتري ۽ ٻين طرفان احتجاج ڪيو ويو، نصيرآباد ۾ گسٽا ضلعي قيادت علي ڏنو مغيري، احمد آديسي ٻوھيو، فصاحت علي چچو، خدا بخش سانگھرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ڏهرڪي ۾ سرڪاري ملازمن طرفان تالابندي برقرار رکندي پرائمري اسڪول کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي، گھوڙاٻاري ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سرڪاري ملازمن احتجاج پنجين ڏينهن به جاري رکيو، رورل ھيلٿ سينٽر ور جي ايم ايس ڊاڪٽر ساجد شيخ، پ ٽ الف تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر لياقت علي چانڊيو، گسٽا تعلقي گھوڙاٻاري جي صدر شاهد پرويز آرائين، محمد مارو خشڪ، عثمان شيخ، شاھجھان شاھ ڏاتاري، اڪبر ٻروچ لال چند مھيشوري، اعجاز ڪمبراڻي ۽ ٻين خطاب ڪيو، سيوهڻ ۾ به سرڪاري ملازمن محمد بخش رند، گسٽا جي صدر علي نواز سولنگي، عرفان ڪوريجو، ستار ميمڻ، نثار سولنگي، منظور ميمڻ، محمد علي رضا ميمڻ، بچل ٻرڙو، دودو ڪڇار ۽ ٻين احتجاج ڪيو، نوابشاهه ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي 5 ڏينهن به تالا بندي ۽ احتجاج جاري رکيو، احتجاج دوران اڳواڻن عزيز جمالي، حضور بخش ڀٽو، نعيم ڀنڀرو، غلام مصطفى جٽ، افضل رند، خادم ٻگھيو، استاد رفيق ڪلوئي، اعجاز بروهي، حاجي نصرالله سومرو، اسلم قريشي، امام دين سومرو، وقار نائچ، ڀٽي، حيدر لاکو، اياز چوهان، ذيشان خان، راشد لونڊ ۽ ٻين خطاب ڪيو، ٽنڊو محمد خان ۾ شهر جي الفتاح چوڪ کان سوين ملازمن تعليمي ادارن جي استادن ، ملازمن احتجاجي جلوس ڪڍي ڦليلي روڊ تي طويل احتجاجي ڌرڻو هنيو ، احتجاج ۾ شامل ايمپلائيز الائنس جي غلام محمد ڇلگري ، راجا نثار ميمڻ ، سارنگ شاھ ، عادل قادر ڀٽي ، ميڊم گل افشان ڀٽي ۽ ٻين خطاب ڪيو، دادو ۾ سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي سرڪاري ملازمن پاران هڪ وڏي احتجاجي موٽرسائيڪل ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ مختلف سرڪاري کاتن جي ملازمن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، منظور پنهور ۽ ٻين خطاب ڪيو، سجاول ۾ به سنڌ ايمپلائيز الائينس پاران پينشن ۾ ڪٽوتي، ڊفرينس الائونس ۽ گروپ انشورنس نه ڏيڻ خلاف سرڪاري ادارن جي تالا بندي ڪري گسٽا ضلع صدر غلام قادر باغي جي اڳواڻي ۾ قاسمي پئٽرول پمپ کان پبلڪ پارڪ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ريلي ۾ ضلع جي مختلف کاتن تعليم صحت روينو سميت سوين سرڪاري ملازمن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي احتجاج دوران گسٽا ضلع صدر غلام قادر باغي سخت گرمي سبب بيهوش ٿي ويو، پ ٽ الف ضلعي ملير پاران سرڪاري ملازمن جي پينشن ۾ ڪٽوتي خلاف سنڌ ايمپلائيز الائنس جي سڏ تي ميمڻ ڳوٺ ۾ احتجاجي مارچ عوامي پريس ڪلب ملير اڳيان ڌرڻو هنيو ويو،پ ٽ الف جي صوبائي اڳواڻ يوسف ڪلمتي گسٽا جي مرڪزي اڳواڻ غازي محمد رفيق ڪاندڙو پٽ الف ڪراچي ڊويزن جي اڳواڻ انور بلوچ گڏاپ جي اڳواڻ اعزاز علي جوکيو ملير جي اڳواڻ سرور گورگج نادر ميمڻ حيدر خاصخيلي گسٽا ضلعي ملير جي صدر جاويد ڪلمتي جنرل سيڪريٽري مقبول سھتو رضيه جاويد ۽ ٻين اڳواڻن ۽ سوين استادن ٻانھن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ۾ شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڊگهڙي، دوڙ، نيو سعيد آباد، کپرو، جنگ شاهي، نئون ڪوٽ، قاضي احمد، خيرپور، سڳيون، ڇاڇرو، مقصودو رند، ڏوڪري، موهن جو دڙو ۽ ٻين شهرن ۾ به سرڪاري ملازمن آفيسن جي تالابندي جاري رکي احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا.