لاهور(بيورو) پيپلزپارٽي جي سڌ سماءَ واري سيڪريٽري نديم افضل چن چيو آهي ته جيڪڏهن پنجاب ۾ اڄ بلدياتي نظام هجي ها ته ٻوڏ سبب ايترو نقصان نه ٿئي ها، لاهور ۾ پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته مسلم ليگ (ن) سان اتحاد ۾ شرط هو ته بلدياتي چونڊون هڪ سال ۾ ٿينديون، پر واعدو پورو نه ڪيو ويو، هن سوال اٿاريو ته ڪڻڪ جي امدادي قيمت مقرر ڪرڻ تي آءِ ايم ايف جو حوالو ڏنو ويو، ڇا آءِ ايم ايف بلدياتي چونڊن کان به روڪيو هو، نديم افضل چن چيو ته فيصلا جاتي امرا ۾ بيوروڪريسي سان ميٽنگ ۾ ٿين پيا، جڏهن ته هارين کي رقم ڏيڻ بدران ڪڻڪ درآمد ڪئي پئي وڃي، متاثرن کي ڪنهن وزير يا سيڪريٽري جي دوري جي ضرورت ناهي، هن چيو ته کنڊ جي کوٽ بابت به جاچ ڪئي وڃي ته ٽرڪ ڪيئن غائب ٿي وڃن ٿا، پيڪا ايڪٽ تحت کنڊ جي بحران جو به حساب ورتو وڃي، نديم افضل چن جو چوڻ هو ته اسان اوهان جي ڳالهين جو جواب دليل سان ڏينداسين، اسان حڪومتي اتحادي آهيون ۽ ان جو طعنو به ٻڌڻو پوي ٿو، پر متاثر ماڻهن جو آواز بڻجڻ پيپلزپارٽي جي آئيني ذميواري آهي، هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جو ڊيٽا به رڳو انڪري استعمال نه پئي ڪري جو ان تي شهيد بينظير ڀٽو جي تصوير آهي، هن وڌيڪ چيو ته حڪومتي ترجمان پيڪا ايڪٽ تحت منهنجي خلاف ڪارروائي جون ڳالهيون ڪن ٿا، جڏهن ته پيڪا جي ذريعي صحافين کي به خاموش ڪيو ويو آهي.