ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مرڪزي اڳواڻ ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڊاڪٽر مھرنگ بلوچ کي سندس ساٿين سميت ڪوئيٽا جي هُڊا جيل منتقل ڪيو ويو آهي۔ هوءَ ٻن مهينن کان وڌيڪ عرصي تائين پوليس حراست ۾ رهڻ بعد هاڻي جڊيشل ريمانڊ تي جيل موڪلي وئي آهي۔ ذريعن موجب گذريل ڇهن مهينن کان ڊاڪٽر ماھ رنگ ۽ سندس ساٿين کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني حراست ۾ رکيو ويو۔ پهرين کيس ٽن مهينن تائين ٽن ايم پي او تحت هُڊا جيل ۾ قيد رکيو ويو جنهن جو ڪو به قانوني جواز موجود نه هو۔ ان کان پوءِ هن خلاف جعلي مقدما قائم ڪري کين لڳاتار پوليس ريمانڊ تي رکيو ويو۔ اڄ پوليس ريمانڊ مڪمل ٿيڻ بعد کين جوڊيشل ريمانڊ تي منتقل ڪيو ويو۔انساني حقن جي تنظيم موجب ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ سندس ساٿي بلوچستان ۾ انساني حقن جي آواز بڻيل آهن.