سنڌ ۾ سولر رٿا ۾ بي ضابطگيون؟:/سنڌ حڪومت ۽ ”ادارن“ کي فراڊ جي جاچ ڪرڻ گهرجي:ناصر شاهه

اسلام آباد/ڪراچي(شهزاد اقبال)سنڌ سولر هوم رٿا ۾ بي ضابطگين ۽ غيرشفافيت بابت سوال اٿڻ لڳا،روزاني عوامي آواز ان سلسلي ۾ اڳ ئي خبر ڇاپي چڪي آهي،پ پ بلاول ڀٽو زرداري کي ايندڙ  وزيراعظم طور پيش ڪري ٿي،پرڏيهي وزير طور هن جي ڪم جي وڏي ساراهه ڪئي وڃي ٿي پر جيستائين پ پ سنڌ ۾ حڪمراني بهتر نٿي ڪري تيستائين بلاول ڀٽو جو وزيراعظم بڻجڻ مشڪل آهي،خراب حڪمراني وارو تاثر بهترڪرڻ لاءِ بلاول ڀٽو وقت بوقت ترقياتي رٿائن جا اعلان ڪندو رهندو آهي،پر بلاول ڀٽو کي به خبر ناهي هوندي ته جن منصوبن جو هو اعلان ڪندو آهي جيڪي منصوبا هن جي هدايتن تي سنڌ حڪومت شروع ڪندي آهي انهن تي ڪهڙي طرح جا سوال ۽ الزام لڳي رهيا آهن؟انهن رٿائن ۾ هڪ رٿا سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ تحت سنڌ کي سولر هوم سسٽم شامل آهي جنهن ۾ غيرشفافيت ۽ سنگين بي ضابطگين جا سنگين الزام سامهون آيا آهن،سنڌ حڪومت هزارين ماڻهن کي سولر هوم سسٽم ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪري رکيو آهي، جنهن جي پهرين مرحلي ۾ عالمي بئنڪ کان قرض وٺي ٻه لک گهراڻن کي سولر سسٽم ڏيڻ جي دعويٰ ڪئي پئي وڃي پر مجموعي طور تي 28 ارب رپين جي ان رٿا جي پهرين مرحلي ۾ غيرشفافيت ۽ دير سميت ٻيا اهم سوال ۽ اعتراض اٿي رهيا آهن،سينيٽر سيف الله ابڙو جي صدارت ۾ سيينيٽ ڪميٽي جي اجلاس ۾ هن رٿا تي ڪيترائي اهم سوال اٿاريا ويا، هن رٿا ۾ اربين رپين جي بي ضابطگين ۽ ٺيڪن ۾ غيرشفافيت ۽ دستاويزي رڪارڊ  ۾ هيرڦير،اين جي اوز جي ڪردار،بي آءِ ايس پي تحت ورڇ، سميت ڪيترائي انڪشاف سامهون آيا آهن،في گهر کي ڏني ويندڙ سولر هوم سسٽم جي لاڳت 55 هزار رپيا آهي،سنڌ حڪومت جي دعويٰ آهي ته ان رٿا جي نگراني عالمي بئنڪ ڪري رهي آهي ان جي باوجود ان رٿا تي اعتراض اٿي رهيا آهن،سينيٽ ڪميٽي جي اجلاس کانپوءِ سنڌ حڪومت جي انرجي کاتي سنڌ سولر انرجي جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محفوظ احمد قاضي کي خط لکي 7 آفيسرن کي انڪوائري ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ جي هدايت ڪئي هئي پر ان جاچ جي ڪا به رپورٽ سامهون ناهي آئي،خانگي ٽي وي پاران رابطي باوجود محفوظ احمد قاضي ان رٿا تي آن رڪارڊ ڪو به موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،دستاويزن موجب سنڌ حڪومت جيڪي سولر سسٽم غريبن کي فراهم ڪري رهي آهي ان جي اصل قيمت 151 ڊالر کان تمام گهٽ آهي،سولر سسٽم جي جيڪا اصل قيمت آهي ان کان وڌيڪ عالمي بئنڪ کان قرض ورتو ويو آهي،هڪ نجي ڪمپني سنڌ حڪومت کي ٺيڪي ۾ في سولر سسٽم جي قيمت 112.44 ڊالر ڏني هئي جيڪا ٽيڪس ۽ ڊيوٽي لڳائي 151.97 ڊالر بڻجي ٿي،پر نجي ڪمپني جي 24 آڪٽوبر 2024ع تي 20808 سولر هوم سسٽم درآمد ڪيا پر ان جي في يونٽ قيمت 112 ڊالر نه پر 23.40 ڊالر آهي،اصل قيمت واڪ ڏنل اگهه کان پنجوڻ تي گهٽ آهي،چين کان درآمد ڪيل سولر هوم سسٽم جي قيمت ۾ واڪ ڏنل قيمت ۽ اصل قيمت ۾ ايترو وڏو فرق ڇو آهي؟رابطي باوجود غيرملڪي ڪمپني موقف نه ڏنو،جڏهن ته سولر ڪٽ سان گڏ درآمدي ڊي سي پکو ڏيڻ جي به دعويٰ ڪئي وئي آهي،پر انڪشاف ٿيو آهي ته اهي پکا درآمد بدران پاڪستان مان ئي خريد ڪيا ويا هئا،جعلي دستاويز ٺاهي انهن ئي پکن جي درآمد ڏيکاري وئي،جنهن جي ذريعي سنڌ حڪومت کان جعلي ڊيوٽيز ۽ ٽيڪس به ڪليم ڪيا ويا،ان دستاويز موجب غيرملڪي ڪمپني 25 هزار 300 پکا23.5 ڊالر ۾ پاڪستاني ايجنٽ کي ايڪسپورٽ ڪيا،دلچسپ ڳالهه اها آهي ته جنهن ڪمپني جا پکا ورهايا ويا اها ڪمپني اهي پکا پاڪستان ۾ ٺاهيندي آهي ۽ ٻاهرين ملڪ ايڪسپورٽ به ڪندي آهي،سوال اهو آهي ته جڏهن اهي پکا پاڪستان ۾ تيار ڪيا ويندا آهن ته ان جي درآمد جا دستاويز ڪيئن موجود آهن؟25 هزار 300 پکن تي 12 ڪروڙ 70 لک رپيا ڪليم ڪيا ويا،جڏهن ته ٽيڪسن کان بغير 2 لک سولر ڪٽس جي ڪل قيمت تقريبن ساڍا 8 ارب رپيا هئي ان ۾ سولر هوم سسٽمز جي ورڇ لاءِ اين جي اوز کي ڏنا ويندڙ هڪ ارب رپيا به شامل ڪجن ته منصوبي جي ڪل لاڳت ساڍا 9 ارب رپيا بيهي ٿي،سنڌ حڪومت جي معاهدي ۽ امپورٽ جي دستاويزن ۾ 100 ڊالرن تائين جو فرق ڇو آهي؟ٻه لک سولر يونٽس تي 100 ڊالرن جي فرق جو مطلب 5 ارب 60 ڪروڙ رپيا آهي،جڏهن ته ٻن لکن پکن تي جعلي ڊيوٽيز ڪليم ڪيون وڃن ته اهي هڪ ارب رپين کان وڌيڪ بڻجن ٿيون،يعني ڪل ملائي منصوبي تي ساڍا 6 ارب رپين جو فرق سامهون آيو آهي،پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو کي ان جو نوٽيس وٺڻ گهرجي، ڇو ته سنڌ حڪومت مطابق اهو هن جو فليگ شپ منصوبو آهي جڏهن ته ان رٿا جي ٻئي مرحلي ۾ ان کان به وڌيڪ بي ضابطگين ۽ ٺيڪي ۾ غيرشفافيت جو معاملو سامهون اچي رهيو آهي،ان معاملي تي ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل سنڌ جي وڏي وزير کي هڪ ٻيو خط به لکي ڇڏيو آهي،جنهن ۾ سنڌ سولر انرجي پراجيڪٽ جو ٺيڪو ڏيڻ ۾ سنڌ پبلڪ پروڪيورمينٽ رولز جي سنگين ڀڃڪڙين جا الزام ۽ مهانگي اگهه تي سولر يونٽ جي خريداري ڏانهن ڌيان ڇڪرايو ويو آهي،ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل 10 سيپٽمبر تي به وڏي وزير مراد علي شاهه کي خط لکي منصوبي تي لڳندڙ الزامن کان آگاهه ڪيو هو،جنهن ۾ چيو ويو هو ته ڪابينا سرڪاري ڪمپني جي سبسڊري ڪمپني سان معاهدي جي منظوري ڏني جيڪا سيپرا رولز جي ڀڃڪڙي آهي،معاهدي کانپوءِ سرڪاري ڪمپني هڪ طرفي معاهدي ۾ تبديلي ڪري هڪ ٻي سبسڊري ڪمپني کي معاهدي ۾ شامل ڪري ڇڏيوجڏهن ته معاهدي ۾ اهو شرط آهي ته ان ٺيڪي ۾ مڪمل يا جزوي طور تي اڳتي ڪنهن کي منتقل نٿو ڪري سگهجي،ان خط ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته خريد ڪيل هڪ يونٽ جي قيمت وڌائي 135 ڊالر في يونٽ ٻڌائي وئي،جڏهن ته مارڪيٽ ۾ قيمت 84 ڊالر في يونٽ آهي،اضافي قيمت تي خريداري سان تقريبن 21 ملين ڊالر يا 6 ارب رپين جو نقصان ٿيو آهي،خط ۾ وڏي وزير کي معاملي جي جاچ جي سفارش ڪئي وئي هئي،

 

ڪراچي(عوامي آواز نيوز)توانائي جي اڳوڻي صوبائي وزير ۽ بلديات جي موجوده وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ سولر  هوم سسٽم جي رٿا 2018-19ع ۾ عالمي بئنڪ جي سهڪار سان شروع ڪئي وئي هئي،عالمي بڊنگ هئي،پوري دنيا ۾ 18 ڪمپنين حصو ورتو،ٽي ڪمپنيون شارٽ لسٽ ٿيون انهن مان هڪ گڏيل عرب امارتن،هڪ ماريشس ۽ هڪ چين مان هئي،چئني واڪن ۾ چين جي ڪمپني کي ٺيڪو مليو،تيستائين 2024ع اچي ويو،انهن ئي ڪمپنين ۾ مقابلو ٿيو،هن چيو ته اسان به ان معاملي جي انڪوائري ڪئي،چين ۾ مقابلو گهڻو آهي اسان وٽ جيڪي دستاويز آهن ۽ جيڪي ميڊيا تي ڏيکاريا پيا وڃن انهن ۾ واضح فرق آهي،عالمي بئنڪ به انهن دستاويزن جي تصديق ڪئي آهي،شايد ان سولر پئڪيج جي قيمت گهٽ ٻڌائيندڙن پکي ۽ بيٽري جي قيمت شامل نه ڪئي هجي، مان ميڊيا کي اهي دستاويز به موڪلي ڇڏيندس انهن تحت اهي ئي ريٽ هئا جن تحت ادائيگيون ڪيون ويون،هن چيو ته عالمي بئنڪ بلڪل ان رٿا لاءِ قرض ڏنو آهي پر گهڻن رٿائن ۾ انهن جي شموليت به هوندي آهي،شفافيت جي ڪري اسان انهن جي شموليت رکي،ڪسٽم ۽ ٻين ڊيوٽين ۾ هيرڦير ڪئي وئي آهي ته ان جي ذميوار اها ڪمپني آهي،اسان وٽ ڪسٽم جون تصديق ٿيل ڪاپيون موجود آهن جيڪڏهن ڪمپني ايترو وڏو فراڊ ڪيو آهي ته اسان اڳ ۾ ئي جاچ ڪري رهيا آهيون،هن پروگرام ۾ جيڪي تفصيل مليا آهن ان تي وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي،هن چيو ته اسان وٽ ڪسٽم ۽ ٻيا جيڪي دستاويز آيا انهن مطابق اهي پکا درآمد ڪيل آهن،اسان ته دستاويز ۽ پکا ئي ڏسنداسين،ڪامورن ئي اسان کي اهي دستاويز موڪليا،اسان نيڪ نيتي سان اهو عمل ڪيو آهي پر اسان جي ماتحتي ۾ اهو ڪم ٿي رهيو آهي ته اها اسان جي ذميواري آهي،اهي پکا جيڪڏهن پاڪستان ۾ تيار ٿين ٿا ته پوءِ درآمد ڪيئن ٿيا؟انهن تي ڪسٽم ڊيوٽي ڪيئن لڳي؟ان جي اڃا وڌيڪ جاچ ٿيڻ گهرجي،سنڌ حڪومت ۽ ادارن کي ان جي انڪوائري ڪرڻ گهرجي،ان لاءِ اسان حاضر آهيون،هڪ سوال تي هن چيو ته ڪا به بي ضابطگي ناهي ٿي،پراجيڪٽ ڊائريڪٽر محفوظ قاضي کي ان ڪري هٽايو ويو ڇو ته اسان جا اڪثر پراجيڪٽ دير جو شڪار هئا،ڪجهه ڏينهن اڳ يوٽيوب تي به ان سلسلي ۾ پروگرام هليو هو ان جي به جاچ هلي رهي آهي اها ڳالهه هاڻي اسان جي سامهون آئي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.