ڪئناڊا ۾ پاڪستان جي هڪ ڊي آءِ جي 20 لک ڊالرن جو گهر وٺي ڇڏيو؟

اسلام آباد(رئوف ڪلاسرا)هڪ ڊي آءِ جي ڪئناڊا ۾ ويهه لک ڊالر جو گهر خريد ڪيو، ٻار اتي شفٽ ڪيا ۽ وري پاڪستان موٽي اچي ڊيوٽي به جوائن ڪري ڇڏي۔پرتگال هاڻي نئون نئون مارڪيٽ ۾ متعارف ٿيو آهي، نه ته دبئي، لنڊن، آمريڪا، نيوزي لينڊ ۽ آسٽريليا ته گهڻو اڳ کان  بيوروڪريسي ۽ سرڪاري آفيسرن جي پسنديده جڳهيون رهيون آهن۔اهو ذهن ۾ رکو ته وڏو کان وڏو حڪمران يا وزيراعظم يا وزير اوهان کي رڳو او ايس ڊي ڪري سگهي ٿو، جنهن ۾ اوهان جي پگهار ۽ مراعات بند نٿيون ٿين، پر اهو بيوروڪريٽ جي منظوريءَ کانسواءِ چانهه به نٿو پي سگهي، وڏا وڏا ٺيڪا ۽ اربين جا ڪم ته پري جي ڳالهه آهي۔ هتي سول-ملٽري بيوروڪريسي ۽ سياستدانن جو گٺ جوڙ بغير ڪرپشن يا ڦرلٽ جي ٿي ئي نٿو سگهي۔ ڪجهه سٺا آفيسر ضرور آهن پر اهي اٽي ۾ لوڻ جيترا ۽ کين وڏا عهدن تي به نٿو لڳايو وڃي۔هاڻي سيڪيورٽي ايڪسچينج ڪميشن جا چار ميمبر 40 ڪروڙ کڻي ويا، ۽ ان جي منظوريءَ ۾ سيڪريٽري فنانس، سيڪريٽري قانون ۽ سيڪريٽري واپار شامل هئا۔ انهن کانسواءِ قانون جي نالي تي چاليهه ڪروڙ جو ڌاڙو ٿي ئي نٿو سگهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.