ڪراچي(رپورٽر) ذخيره اندوزي سبب اٽي جي قيمتن ۾ واڌ ڏسڻ ۾ آئي آھي ۽ في ڪلو اٽو ڏھ رپيا مهانگو ٿي ويو آھي۔ ھول سيل مارڪيٽ ۾ اڍائي نمبر اٽي جي قيمت في ڪلو اَٺ رپيا وڌڻ کان پوءِ 102 رپين کان وڌي 110 رپيا ٿي وئي آھي جڏھن ته فائن اٽو 110 رپيا في ڪلو ۾ وڪرو ٿي رھيو آھي،ڪمشنر ڪراچي پاران 22 سيپٽمبر تي جاري نوٽيفڪيشن ۾ اڍائي نمبر اٽي جي قيمت 94 رپيا ۽ فائن اٽي جي قيمت 100 رپيا مقرر ڪئي وئي ھئي، پر ان قيمتن تي عمل ڪرائڻ ۾ ضلعي انتظاميا مڪمل طور ناڪام نظر اچي رھي آھي۔ رٽيل مارڪيٽ ۾ به صارفين کي اٽو مقرر اگهن کان ڪٿي وڌيڪ مهانگي اگهن تي وڪرو ڪيو پيو وڃي، اڍائي نمبر اٽو 110 رپيا في ڪلو ۽ فائين اٽو 113 کان 115 رپيا في ڪلو تائين موجود آھي