غوثپور/تنگواڻي (رپورٽ: عبدالجبار اوڳاهي/مهتاب ملڪ) غوثپور ڀرسان جمال ٿاڻي جي حد ۾ چولياڻي ۽ ملڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ گذريل پنجن سالن کان ھلندڙ خوني تڪرار جو نبيرو ڳوٺ دڙي سندراڻي ۾ علائقي جي چيف سردار مير عابد خان سندراڻي جي سرپئنچي ھيٺ ٿي گذري، نبيري ۾ في خون جي بھا پنجويھ لک مقرر ڪئي وئي، جڏھين ته زخمين جو ڏنڊ ٽيھ ھزار کان ڏيڍ لک تائين مقرر ڪيو ويو، مجموعي طور تي چولياڻي برادري مٿان ٽن ملڪن ۽ ھڪ بجاراڻي جي قتل ۽ زخمين جو جو الزام ثابت ٿيڻ تي مٿن ھڪ ڪروڙ ۽ ويھ لک ڏنڊ وڌو ويو، ڏنڊ جي رقم مان پنج لک چولياڻي برادري ٿڏي تي ادا ڪيا ۽ رھيل رقم قسطن ۾ ادا ڪئي ويندي، چولياڻي برادري جي مقتول اڪبر جي خون جي بھا 41 لک ملڪ برادري تي رکي وئي، فيصلي جي فتويٰ ٻنھي ڌرين ٻڌي قبول ڪئي ۽ ھڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون، اڳرائي ڪندڙ ڌر تي پنجاھ لک ڏنڊ رکيو ويو، واضع رھي ته پنج سال پھرين زمين جي تڪرار تان ٻنھي ڌرين ۾ جھيڙو شروع ٿيو هو جنھن ۾ استاد راڻو ملڪ، بابو ملڪ، جاويد ملڪ، اڪبر چولياڻي ۽ ھڪ واھڙو عبدالتقي بجاراڻي مارجي ويا ھئا ۽ ست کان وڌيڪ ماڻھو ملڪ برادري جا زخمي ٿيا ھئا جن ۾ ٻھ عورتون به شامل ھيون، نبيري ۾ علائقي جي ڪيترن ئي معززين سيد محمد شاهه جيلاني، سيد بشير احمد شاهه، سردار لياقت ملڪ، عبدالرزاق چولياڻي، مير زرياب خان بجاراڻي، رئيس ظفر ڀيو ۽ ٻين شرڪت ڪئي.