چين کي آپريشن بنيان المرصوص تي وڌيڪ خوشي ۽ فخر آهي: صدر جو ترجمان

اسلام آباد (بيورو/م ڊ)  ايوان صدر جي ترجمان مرتضيٰ سولنگي ۽ سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته چين ۾ هر اجلاس ۾ آپريشن بنيان المرصوص جو ذڪر ٿيو، چين آپريشن بنيان المرصوص تي اسان کان وڌي خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪيو. مرتضيٰ سولنگي ۽ سليم مانڊوي والا صدر جي چين جي دوري بابت گڏيل پريس ڪانفرنس ڪئي. مرتضيٰ سولنگي چيو ته صدر جو چين جو ٻيو دورو هو، هن ڀيري دورو مختلف ۽ اهم نوعيت جو هو. دوري دوران صدر صوبائي ادارن ۽ چيني عملدارن سان اهم ملاقاتون ڪيون، ڪيتريون ئي سائيڊ لائن ملاقاتون ۽ اهم يادداشت نامن تي صحيحون ٿيون، چين پهريون ڀيرو ڪنهن پرڏيهي سربراهه کي انٽرنيشنل ڪمپليڪس جو دورو ڪرايو ۽ صدر کي دفاعي بريفنگ ڏني وئي جيڪو پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ اعتماد جو نئون باب آهي. سليم مانڊوي والا چيو ته صدر آصف علي زرداري پهريون سربراهه آهي جنهن ڪاشغر جو دورو ڪيو، ڪجهه جاين تي دورا چين جي دعوت ۽ ڪجهه پاڪستان جي درخواست تي ٿيا، پاڪستان ۽ چين جي لاڳاپن ۾ پيدا ٿيل ويڇا ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته دوري ۾ خبر پئي ته چين جي ٽيڪنالاجي پاڪستان کان ڪيترائي ڀيرا جديد آهي، چيني ٽيڪنالاجي آهستي آهستي پاڪستان منتقل ٿي رهي آهي. چين جي وڏي ڪمپني گوادر ۾ سيڙپڪاري ڪندي، صدر ڪوئلو گيسيفڪيشن جو ويزن ڏنو، چيني ڪمپنيون دلچسپي وٺي رهيون آهن، هارين لاءِ ووڪيشنل ٽريننگ سينٽر ٺاهڻ تي چين راضپو ڏيکاريو، پاڪستان ۾ هاءِ اسپيڊ ٽرين متعارف ڪرائڻ تي به ڳالهيون ٿيون. لائيو اسٽاڪ ٽريسنگ سسٽم لاءِ سنڌ حڪومت ۽ چين وچ ۾ يادداشتن تي صحيحون ٿيون، صدر جي 35 جهازن تي تفصيلي بريفنگ ورتي، هن وقت تائين ڪيترائي معاهدا ٿي چڪا آهن، وڌيڪ تي ڳالهيون جاري آهن. چين پاڪستان کي پريشاني ۾ نٿو ڏسڻ چاهي، چين کي سڪيورٽي خدشا آهن، ان لاءِ چين جو ڌيان سنڌ ۽ پنجاب تائين محدود آهي. چين ۾ هر اجلاس ۾ آپريشن بنيان المرصوص جو ذڪر ٿيو، چين آپريشن بنيان المرصوص تي اسن کان وڌيڪ خوشي ۽ فخر جو اظهار ڪيو، آپريشن بنيان المرصوص جي ڪاميابي تي چين پاڪستان کان وڌيڪ جشن ملهائيندو رهيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.