جسٽس ڊوگر خلاف ڪارروائي نه ٿيڻ تي ايمان مزاري جو خط

اسلام آباد (بيورو) انساني حقن جي ڪارڪن ۽ وڪيل ايمان زينب مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس سرفراز ڊوگر خلاف داخل ڪيل دفتري هراسان ڪرڻ واري شڪايت تي ’عدم ڪارروائي‘ بابت هڪ شڪايت نامو داخل ڪيو، ياد رهي ته جسٽس سرفراز ڊوگر ايمان مزاري کي توهين عدالت جي ڪيس ۾ وارننگ ڏني هئي ۽ مبينا طور تي ”هن کي قابو ڪرڻ“ جهڙا ريمارڪس به ڏنا هئا، جن جي مذمت ڪيترن ئي وڪيل تنظيمن ڪئي هئي ۽ چيف جسٽس کي هٽائڻ جو مطالبو ڪيو هو، 15 سيپٽمبر تي ايمان مزاري اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي هڪ انڪوائري ڪميٽي ۽ سپريم جوڊيشل ڪائونسل کي درخواست ڏني هئي، جسٽس ثمن رفعت امتياز کان اختيارات واپس وٺي، انڪوائري جي نگراني لاءِ جسٽس انعام امين منهاس کي ’مجاز اٿارٽي‘ مقرر ڪيو ويو، ايمان مزاري ان فيصلي تي به اعتراض ڪيو ۽ چيو ته جوابدار پنهنجي اثر رسوخ سان اٿارٽي کي تبديل ڪرائي ڇڏيو آهي، ايمان مزاري پنهنجي خط ۾ چيو ته کيس خبر ئي ناهي ته سندس شڪايت تي ڪا ڪارروائي ٿي به آهي يا نه، ڇو ته اٿارٽي کيس ڪا به اطلاع نه ڏني آهي، هن واضح ڪيو ته سندس خلاف انتقامي ڪارروايون ٿي رهيون آهن جيڪي قانوني طور منع ٿيل آهن، هن وڌيڪ مطالبو ڪيو ته 11 سيپٽمبر واري ڏينهن، جڏهن سندس خلاف مبينا ناخوشگوار واقعو پيش آيو، ان جي سي سي ٽي وي فوٽيج فوري طور محفوظ ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.