نواز شريف جنيوا جي اسپتال مان هفتو علاج بعد ڊسچارج

جنيوا(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي صدر نواز شريف  کي جنيوا جي اسپتال مان 7 ڏينهن علاج هيٺ رهڻ کان پوءِ ڊسچارج ڪيو ويو آهي. شريف ڪٽنب جي ذريعن موجب، نواز شريف اسپتال ۾ دل سان لاڳاپيل هڪ پروسيجر لاءِ داخل ٿيو هو ۽ هاڻي هو هر لحاظ کان تندرست آهي. ذريعن مطابق، نواز شريف هن وقت جنيوا جي هڪ هوٽل ۾ پنهنجي پٽ حسن نواز ۽ ڊاڪٽر عدنان سان گڏ موجود آهن۔ نواز شريف جو علاج هو ئي سرجن ڪيو، جيڪو گذريل ڪيترن ئي سالن کان انهن جو علاج ڪندو رهيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.