اسلام آباد (م ڊ) پيپلز پارٽي جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري نديم افضل چن چيو آهي ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن وٽ ايترا وسيلا موجود ناهن جيترا ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ گهربل آهن، تنهن ڪري حڪومتن، سياستدانن ۽ بيوروڪريسي کي پنهنجا خرچ گهٽائڻا پوندا. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي هن چيو ته ٻوڏ بدترين تباهي مچائي ڇڏي آهي ۽ فنڊن جي کوٽ سبب وڏا منصوبا رڪجي ويا آهن. هن تجويز ڏني ته جيڪڏهن فنڊ موجود آهن ته ڊيم تعمير تي لڳايا وڃن ٻي صورت ۾ عوام تي وڌيڪ ٽيڪس لڳائڻ سان مسئلا وڌندا. نديم افضل چن چيو ته قرضن ۽ بيروزگاري عوام کي اڳ ۾ ئي ڏکيائين ۾ وڌو آهي ۽ هاڻي آفتن جي ڪري هاري به بدحال آهن.