اسلام آباد(م ڊ) سينيٽ چيئرمين سيد يوسف رضا گيلاني اقليتي ڪاڪَس جي نئين سر جوڙجڪ جي منظوري ڏيندي سينيٽر دنیش ڪمار کي ڪاڪَس جو ڪنوينر مقرر ڪري ڇڏيو آهي. اقليتي ڪاڪَس جي ميمبرن جي ڪل تعداد 15 آهي. اقليتي ڪاڪَس ۾ سينيٽرگرديپ سنگھ، سينيٽر پونجو مل ڀيل، سينيٽرخليل طاهر سنڌو، ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي، ڪيسو مل کيئل داس، ڊاڪٽر درشن، نيلسن عزيٰرمیش لال ،نويد عامر، نيلم، جيمز اقبال، رمیش ڪمار ونڪواني، سنجَي پرواني شامل آهن. سينيٽر دنیش ڪمار چيو ته مان شڪرگذار آهيان ته چيئرمين سينيٽ مون تي اعتماد جو اظهار ڪندي، مون کي اقليتي ڪاڪَس جو ڪنوينر مقرر ڪيو