واشنگٽن/لاهور (عمران شفقت) وزيراعظم شهباز شريف ۽ جنرل عاصم منير جي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان اوول آفيس ۾ ٿيل ملاقات کي اهم قرار ڏنو پيو وڃي. ملاقات هڪ ڪلاڪ کان وڌيڪ جاري رهي، جنهن ۾ ٽرمپ ٻنهي اڳواڻن کي عظيم سڏيو. شهباز شريف پنهنجي ڪالر تي پاڪستاني ۽ آمريڪي جهنڊو لڳايو، جيڪو ويجهن لاڳاپن جو اشارو هو، جڏهن ته ٽرمپ جي ڪالر تي جيٽ جو نشان لڳل هو، جنهن کي تجزئي نگارن ڀارت لاءِ طنز چيو. بختاور ڀٽو زرداري صحافي نديم فاروق پراچا جو ٽوئيٽ شيئر ڪندي لکيو ته ٽرمپ جو اهو نشان ڀارت لاءِ طنزيا پيغام آهي. اهو سوال به اٿاريو پيو وڃي ته ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس ڇو نه ٿي، مبصرن موجب، اهو امڪان هو ته ٽرمپ ڪا غير امڪاني ڳالهه ڪري ڇڏي ها، تنهن ڪري شايد گڏيل ميڊيا بريفنگ کان پاسو ڪيو ويو، گهڻو ڪري سڀ ڪجهه پروٽوڪول جو حصو هوندو آهي ۽ اڳواٽ طئي هوندو آهي. ائين لڳي ٿو ته ميڊيا بريفنگ کان پاسو ڪرڻ جو مطالبو پاڪستان جو هوندو، ڇو ته ان کان اڳ جڏهن فيلڊ مارشل ويو هو تڏهن به اڪيلي ٽرمپ ميڊيا سان ڳالهايو هو. آمريڪا ۾ پي ٽي آءِ جا حامي به آهن ۽ تنقيد ڪرڻ شروع ٿي ويندا آهن، شايد اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال کان بچڻ لاءِ پاسو ڪيو ويو.