وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي آمريڪي صدر سان ملاقات، ٽرمپ امن جو علم بردار قرار

واشنگٽن (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان ملاقات جو پڌرائي جاري ڪئي وئي آهي. وزيراعظم آفيس طرفان جاري پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  سان ملاقات گرمجوشي ۽ خوشگوار ماحول ۾ ٿي. پڌرائي موجب، وزيراعظم آمريڪي صدر کي امن جو علمبردار قرار ڏيندي چيو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ سڄي دنيا ۾ تڪرارن جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. وزيراعظم صدر ٽرمپ جي جرئتمنداڻي، بهادراڻي ۽ فيصلائتي قيادت جي واکاڻ ڪندي چيو ته آمريڪي صدر پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ جنگبندي ۾ سهولت فراهم ڪئي. پڌرائي موجب، وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڏکڻ ايشيا ۾ وڏي تباهي کي ٽارڻ ۾ مدد فراهم ڪئي، وزيراعظم مسلم اڳواڻن کي اعتماد ۾ وٺڻ تي صدر ٽرمپ جا ٿورا مڃيا. ملاقات دوران وزيراعظم پاڪستان ۽ آمريڪا جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ بهتري تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان جي آءِ ٽي، توانائي ۽ معدنيات وارن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني. ان کانسواءِ وزيراعظم شهباز شريف دهشتگردي خلاف ڪارروائين ۾ آمريڪي سهڪار وڌائڻ تي زور ڏنو ۽ صدر ٽرمپ طرفان پاڪستان جي ڪردار جي کليل حمايت تي ٿورا مڃيا ويا. ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف صدر ٽرمپ کي دوري پاڪستان جي دعوت به ڏني. ملاقات کان اڳ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته هڪ عظيم اڳواڻ وائٽ هائوس اچي رهيو آهي. هن صحافين کي ٻڌايو ته پاڪستان جا وزيراعظم ۽ فیلڊ مارشل ملاقات لاءِ اچي رهيا آهن. فیلڊ مارشل هڪ بهترين شخصيت جا مالڪ آهن، ۽ وزيراعظم به ائين ئي آهن. وائٽ هائوس طرفان جاري ٿيل آمريڪي صدر جي شيڊيول مان ظاهر ٿئي ٿو ته هن ملاقات لاءِ صحافين کي دعوت نه ڏني وئي آهي، جيڪو ٽرمپ جي عام روايت جي ابتڙ آهي، ڇاڪاڻ⁠ ته هو عام طور اوول آفيس ۾ چونڊيل صحافين کي سڏيندو آهي. نيويارڪ ۾ هڪ ميڊيا بريفنگ دوران آمريڪي پرڏيهي کاتي جي سينيئر آفيسر ٻڌايو ته ٽرمپ جي ٻئي دور ۾ واشنگٽن ۽ اسلام آباد جي لاڳاپن ۾ تدريجي طور تي گرمجوشي وڌي رهي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.