اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد ۾ اڪنامڪ پاليسي اينڊ بزنس ڊويلپمينٽ پنهنجي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان تي قرضن جو بار خطري واري حد تائين وڌي چڪو آهي. رپورٽ مطابق هر شهري تي قرض 3 لک 18 هزار رپين کان وڌي ويو آهي جڏهن ته ڏهه سال اڳ اهو 90 هزار رپيا هو. قرضن ۾ ساليانو 13 سيڪڙو واڌ ٿي رهي آهي ۽ اهي جي ڊي پي جي 70 سيڪڙو کان به وڌيڪ ٿي چڪا آهن. ٿنڪ ٽينڪ موجب پاڪستان جو قرض خطي جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جڏهن ته بلند شرحن جي ڪري قرضن تي وياج جي ادائيگي جي ڊي پي جي ست سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ ۾ تجويز ڏني وئي آهي ته پاليسي ريٽ کي 11 کان گهٽائي 9 سيڪڙو ڪيو وڃي ته جيئن حڪومت جي قرضن تي وياج جي قيمت 12 کرب رپيا گهٽجي سگهي. ٿنڪ ٽينڪ خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مالي نظم و ضبط اختيار نه ڪيو ويو ته پاڪستان کي وڌيڪ ڳنڀير بحران کي منهن ڏيڻو پوندو.