اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي واري وفاقي وزير اويس احمد خان لغاري چيو آهي ته پاور سيڪٽر جو گردشي قرض پاڪستان لاءِ مسئلو بڻجي ويو آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي. اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير توانائي اويس احمد خان لغاري چيو ته پاور سيڪٽر جو 1,225 ارب رپين جو گردشي قرضو بئنڪن کان سستو قرض وٺي ايندڙ 6 سالن ۾ ختم ڪيو ويندو. هن چيو ته ماضيءَ ۾ مهانگا قرض ورتا ويا، پر موجوده حڪومت بئنڪن سان ڪامياب ڳالهيون ڪري 3.5 کان 5.5 سيڪڙو گهٽ وياج تي سستو قرض حاصل ڪيو، ۽ اسان ان فيصلي جو بار عوام تي نه وڌڻ ڏنو. گردشي قرضو اڳ ختم نه ٿي رهيو هو، پر هاڻ ان کي ختم ڪري ڇڏينداسين. وزير توانائي وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايندڙ 6 سالن ۾ بجلي جو استعمال وڌي ٿو ته ممڪن آهي ته باقي گردشي قرض مقرر وقت کان اڳ ئي ختم ٿي وڃي. هن ٻڌايو ته توانائي سيڪٽر تي مجموعي طور 2,400 ارب رپين جو گردشي قرضو هو، جنهن مان اسان 800 ارب رپين جو قرض بهترين ڪارڪردگي سان، بغير نئون قرض وٺڻ جي، ختم ڪيو.