پاڪستاني موقف جي فتح، ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو ڏوهي قرار

دبئي(ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي 14 سيپٽمبر تي پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ پريزنٽيشن ۾ تڪراري بيان ڏيڻ ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي قصوروار قرار ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آءِ سي سي پريزنٽيشن ۾ تڪراري ڳالهه تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار کي قصوروار قرار ڏنو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ڪپتان پاڪستاني شڪايت تي ڪالهه آءِ سي سي ريفري آڏو پيش ٿيو هو، جڏهن ته اڄ آءِ سي سي ميچ ريفري رچي رچرڊسن فيصلو ٻڌايو ۽ سوريا ڪمار تي سياسي بيان ڏيڻ جو الزام ثابت ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ڀارتي ٽيم جي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو تي ميچ فيس جو 30 سيڪڙو ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، آءِ سي سي سوريا ڪمار يادَو خلاف فيصلي جا تفصيل جلد جاري ڪندو

معاملو ڇا هو؟
14 سيپٽمبر تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار ايشيا ڪپ جي گروپ اسٽيج ميچ ۾ کٽڻ بعد پريزنٽيشن دوران ڳالهائيندي پهلگام واقعي جو ذڪر ڪندي پاڪستان خلاف فتح کي ڀارتي سيڪيورٽي فورسز جي نانءُ ڪيو هو.
ان کانپوءِ پاڪستان ڪرڪٽ بورڊ طرفان آءِ سي سي کي خط لکيو ويو، جنهن ۾ تڪراري ۽ سياسي بيان بازيءَ تي ڀارتي ڪپتان خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو ويو هو.
گذريل ڏينهن انٽرنيشنل ڪرڪٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايشيا ڪپ ۾ پاڪ-ڀارت ميچ کانپوءِ سياسي بيان بازي ذريعي هيرو بڻجڻ جي ڪوشش تي ڀارتي ڪپتان سوريا ڪمار يادَو کي ڇنڊ پٽي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.