مودي سرڪار جي پريشانين ۾ واڌ، ٽرمپ وڏو قدم کڻي ورتو

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) آمريڪا ڀارت جي مشڪلاتن ۾ وڌيڪ وڌائيندي دوائن تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، آمريڪا ڪچن ڪيبنٽس ۽ باٿروم وينٽيز تي 50 سيڪڙو، فرنيچر تي 30 سيڪڙو ۽ هيوي ڊيوٽي ٽرڪن تي 25 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو آهي.
ان کانسواءِ دوائن تي به 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ” ٽروٿ سوشل“ تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو ته آمريڪا ۾ پهرين آڪٽوبر کان فارماسيوٽيڪل جي درآمد تي 100 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪيو ويندو.
ٽرمپ چيو ته جيڪڏهن آمريڪا ۾ دوائن جو ڪارخانو لڳايو ويندو ته ان تي ٽيرف مان ڇوٽ هوندي، اهو ٽيڪس ڪيترين ئي سببن جي بنياد تي لڳايو پيو وڃي، پر سڀ کان اهم قومي سلامتي جي مفادن تحت اهو فيصلو ڪيو ويو آهي.
آمريڪا جي نئين ٽيرف سبب ڀارت لاءِ وڌيڪ ڏکيائيون پيدا ٿي ويون آهن، ڇو ته ڀارت دنيا جي سڀ کان وڏن دوا سازي برآمد ڪندڙ ملڪن ۾ شامل آهي ۽ آمريڪا ۾ استعمال ٿيندڙ هڪ ڀاڱي ٽي کان وڌيڪ دوائون ڀارت مان درآمد ڪيون وينديون آهن.
ڀارتي خابرو اداري انڊيا ٽوڊي جي رپورٽ موجب، ڀارت هر سال لڳ ڀڳ 10 ارب ڊالر جي فارماسيوٽيڪل شيون آمريڪا کي برآمد ڪري ٿو.
ياد رهي ته گذريل ڪجهه مهينن کان آمريڪا ۽ ڀارت جا لاڳاپا ٿڌا ٿي ويا آهن، ٽرمپ انتظاميا ڀارت مان ايندڙ شين تي اڳ ئي 50 سيڪڙو ٽيرف لاڳو ڪري چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.