گڏيل قومن ۾ نيتن ياهو جي تقرير دوران احتجاج، ڪيئي ملڪن جي نمائندن جو واڪ آئوٽ

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير دوران سخت احتجاج ڪيو ويو ۽ ڪيترن ئي ملڪن جا نمائندا واڪ آئوٽ ڪري ويا.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ تقرير ڪري رهيو هو، جڏهن ته مختلف ملڪن جا نمائندا احتجاج طور اُٿي هليا ويا.
واضح رهي ته جنرل اسيمبلي جي اجلاس دوران گذريل ڪجهه ڏينهن کان ڪيترن ئي عالمي اڳواڻن غزا ۾ جاري اسرائيلي ظلمن تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
عالمي اڳواڻن پنهنجي تقريرن ۾ اسرائيل خلاف آواز اُٿاريو ۽ غزا ۾ جاري جنگ ترت ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.
ياد رهي ته اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو خلاف مبينا جنگي ڏوهن تي عالمي فوجداري عدالت گرفتاري وارنٽ پڻ جاري ڪري چڪي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.