بنگلاديش کي شڪست، پاڪستان ۽ ڀارت پهريون ڀيرو ايشيا ڪپ جو فائنل کيڏندا

دبئي(اسپورٽس نيوز)  پاڪستان سپر فور مرحلي ۾ بنگلاديش کي 11 رنسن سان شڪست ڏئي فائنل لاءِ ڪواليفائي ڪري ورتو آهي. پاڪستان طرفان ڏنل 136 رنسن جي هدف جي جواب ۾، بنگلاديش جي ٽيم مقرر وقت 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 124 رنس ئي ٺاهي سگهي.ڀارت اڳ ئي ايشيا ڪپ جي فائنل ۾ پهچي چڪو آهي، ايشيا ڪپ جي 41 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ ڀارت آچر ڏينهن فائنل ۾ آمهون سامهون ٿيندا. 1984ع کان هينئر تائين ايشيا ڪپ جا 16 ايڊيشن ٿي چڪا آهن، ۽ اڃا تائين ڪڏهن به پاڪستان ۽ ڀارت گڏجي فائنل ۾ نه پهتا هئا۔ تنهن هوندي به، ڪرڪيٽ جا شوقين هاڻ 28 سيپٽمبر تي پهريون ڀيرو پاڪستان ۽ ڀارت کي فائنل ۾ کيڏندي ڏسندا۔ واضح رهي ته ڀارت سڀ کان وڌيڪ 8 ڀيرا ايشيا ڪپ کٽي چڪو آهي، سري لنڪا 6 ڀيرا ۽ پاڪستان رڳو 2 ڀيرا ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.