لنڊن (امتياز گل) پاڪستان بابت عالمي بينڪ جي نئين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ملڪ جو موجوده معاشي ماڊل غُربت گهٽائڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿئي، جنهن سبب گذريل اٺن سالن ۾ غربت بلند ترين سطح تي پهچي وئي آهي. رپورٽ مطابق رڳو ٽن سالن ۾ غربت جي شرح ۾ 7 سيڪڙو واڌ ٿي آهي، جڏهن ته 2023-24ع ۾ اهو انگ 25 سيڪڙو کان به وڌي ويو. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پاڪستان جي 42 سيڪڙو آباديءَ سان واسطو رکندڙ وچولو طبقو به محفوظ زندگي، صاف پاڻي، سستي توانائي ۽ رهائش جهڙين بنيادي سهولتن لاءِ جدوجهد ڪري رهيو آهي. وڏن شهرن ۾ به صفائي، گٽرن ۽ پاڻي جي فراهميءَ جا سنگين مسئلا برقرار آهن. عالمي بينڪ جو چوڻ آهي ته 15 کان 24 ورهين جي عمر وارن نوجوانن مان 37 سيڪڙو تعليم، روزگار يا ڪنهن به ترجيحي سکيا ۾ شامل نه آهن. مزدورن سان به ناانصافي جاري آهي، جتي سيڪيورٽي ۽ صفائيءَ جي عملي کي مهيني جا رڳو 25 کان 30 هزار رپيا ڏنا وڃن ٿا، جڏهن ته اوور ٽائيم جي ادائگي به نٿي ڪئي وڃي. رپورٽ ۾ واضح ڪيو ويو آهي ته حڪومت جي پاليسين ۾ عوامي ڀلائي نظرانداز آهي ۽ ملڪ ۾ حڪمراني جو ماڊل اشرافيا جي حق ۾ آهي. امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي، اهو ئي سبب آهي جو سڌي ٽيڪس جي شرح وڌي نٿي سگهي ۽ حڪومت اڃا تائين 80 سيڪڙو کان وڌيڪ اڻ سڌن ٽيڪسن تي ڀاڙي رهي آهي، جنهن سبب عام واهپي جون شيون مهانگيون ٿي ويون آهن. عالمي بينڪ سفارش ڪئي آهي ته پاڪستان کي ٽيڪس جو دائرو وڌائڻو پوندو، شرح گهٽ ڪرڻي پوندي ۽ عوام لاءِ ڀلائي تي ٻڌل پاليسيون اختيار ڪرڻيون پونديون، ٻي صورت ۾ معاشي بحران ۽ عوامي استحصال جاري رهندو.