شڪارپور(رپورٽ: زاھدسنجراڻي ) شڪارپور ڀرسان چور جي ڪوشش مزاحمت تي چورن جي فائرنگ ۾ گھر ڌڻي قتل چور فرار تفصيل موجب نيوفوجداري ٿاڻي جي ڳوٺ بيد لڳ رات دير سان نامعلوم چورن بادل لھر جي گھر ۾ داخل ٿي ڪري چوري جي ڪوشش ڪئي ته گھر ڌڻي سجاڳ ٿي پيو مزاحمت ڪرڻ تي چورن فائرنگ ڪري ڏني جنھن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب گھر مالڪ بادل پٽ گل حسن لھر موقعي تي قتل ٿي ويو چور فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع تي نيو فوجداري پوليس پھچي ڪري فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم لاءِ سول اسپتال پھچايو جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو آھي .