اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)وزيراعظم جي صلاحڪار رانا ثناءالله چيو آهي ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي "بينظيرروزگار اسڪيم” ۾ تبديل ڪيو وڃي،هڪ نجي ٽي وي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلزپارٽي جي سينيئر اڳواڻن سان هن معاملي تي ڳالهه ٿي سگهي ٿي، ڇوته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام وفاقي نوعيت جو آهي ۽ تجويز آهي ته هن پروگرام کي صوبائي سطح تي به منظور ڪيو وڃي.سيلاب متاثرن جي بحالي ۽ سهائتا صوبائي سطح تي ڪئي ويندي.