اسلام آباد(بيورو)وزيراعليٰ بلوچستان سر فراز بگٽي چيو آهي ته دهشتگردن کي افغانستان ۾ حڪومت جي سرپرستي حاصل آهي، افغان حڪومت کي دوحه معاهدي کي ياد رکڻ کپي جنهن ۾ چيو ويو هو ته اسان جي سرزمين ٻين ملڪن خلاف استعمال نه ٿيندي.اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي سر فراز بگٽي چيو ته دالبندين ۾ فائرنگ جي مٽاسٽا ۾ ٻه دهشتگرد مارجي ويا هن چيو ته دهشتگرد بلوچن جي نالي تي رياست کي عدم استحڪام ۾ مبتلا ڪري رهيا آهن هن وڌيڪ چيو ته لاپته ماڻهن بابت پروپيگنڊا ڪئي پئي وڃي. اسان رياست جي اندر رياست بڻجڻ نه ڏينداسين. بلوچستان ۾ جيڪي به دهشتگرد تنظيمون آهن، انهن کي گڏ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڀارتي خفيه ادارا (را) بنياد تي هي جنگ پاڪستان تي مسلط ڪئي وئي آهي.