اسلام آباد(ظفر نقوي) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس طارق محمود جهانگيري جي مبينا جعلي ڊگري ڪيس جي ٻڌڻي دوران هنگامو ٿيو. ٻڌڻي آئيني بينچ جي سربراهه جسٽس ڪي ڪي آغا ڪئي، جسٽس جهانگيري پاڻ پيش ٿي موقف رکيو. ان دوران وڪيلن طرفان نعرا هنيا ويا، جن ۾ جسٽس خلاف به احتجاجي نعرا شامل هئا. ٻڌڻي دوران جسٽس ثمن رفعت به جسٽس طارق محمود جهانگيري گڏ موجود هئي، پر عدالت سندن ڌر بڻجڻ واري درخواست نه مڃي. هاڻي هي ڪيس 29 سيپٽمبر تي سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني آئيني بينچ ۾ به ٻڌڻي لاءِ مقرر آهي، جنهن جي سربراهي جسٽس امين الدين خان ڪندو. ججن انصاف لاءِ تحريڪون هلائڻيون پون ٿيون، ججن کي ايڏو ڏکيو انصاف ملندو ته پوءِ عام ماڻهو ڇا ٿيندو؟ جج کي پنهنجي صفائي جو موقعو ضرور ملڻ گهرجي.