رپورٽن موجب ڏهرڪي جي ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتظاميا پاران مقامي ماڻهن کي نظرانداز ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي گهرائي نوڪريون ڏيڻ خلاف مقامي شاگرد جڏهن ڇهين ڏينهن به مک گيٽ جي آڏو احتجاج ڪري رهيا هئا ته پ پ جي اڳوڻي صوبائي وزير باري پتافي جي گاڏين جو قافلو ڌرڻي واري هنڌ کان گذريو ته شاگردن کيس روڪي پنهنجا مسئلا ٻڌائڻ چاهيا ته موصوف ان روڪڻ واري عمل کي پنهنجي شان ۾ گستاخي سمجهندي ڀوتارڪي رڳ ڏيکاريندي هڪ شاگرد کي چماٽ وهائي ڪڍي جنهن واقعي کي موبائيل ۾ ريڪارڊ ڪندڙ هڪ نوجوان سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري ڇڏيو ته اتي زبردست قسم جو فوري ردعمل ظاهر ٿيو ۽ ڄاڻايل ڀوتار خلاف سخت لفظن ۾ احتجاج ڪيو ويو. ان سخت ردعمل ان ڀوتار کي پوءِ مجبور ڪيو ته هو واقعي واري هنڌ پهچي ان شاگرد کان معافي وٺي ۽ پوءِ سڀني ڏٺو ته هن شاگردن آڏو هٿ ٻڌي معافي ورتي.
بظاهر اها معافي رحيم داد مهر نالي هڪ شاگرد کان ورتي وئي پر اصل ۾ ڏسجي ته اها معافي سوشل ميڊيا تي سنڌ جي شعور طرفان آيل سخت ردعمل کان ورتي وئي هئي نه ته انهن شاگردن مان ڀلا ان ڀوتار کي ڪهڙو خطرو هو يا ڪهڙي پرواهه هئي. ڀوتار کي هٿ ٻڌي معافي وٺائڻ ۾ اصل ۾ سوشل ميڊيا جو ڪردار هو. سو اها حقيقت آهي ته سوشل ميڊيا جي اڀار سان هاڻي ڪابه درندگي، ڪابه بربريت، ڏاڍائي ۽ بدمعاشي نه لڪي سگهي ٿي نه ئي ڦٻي سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته هاڻي اهڙا واقعا سوشل ميڊيا ڪري جلد ئي منظرعام تي اچي وڃن ٿا. ڇاڪاڻ ته موجوده ٽيڪنالاجي واري دور ۾ جنهن به ماڻهوءَ وٽ ”موبائل“ آهي سو پاڻ ميڊيا بڻجي ويو آهي، رپورٽر بڻجي ويو آهي سو موبائل ويڊيو جي اک سان ڪنهن به قسم جي زيادتي کي ريڪارڊ ڪري ان کي وائکو ڪري سگهجي ٿو، سوشل ميڊيا جيئن ته سماجي ۽ عوامي فورم آهي ۽ اهو فورم جيئن ته اخباري ۽ ٽي وي ميڊيا جي مصلحتن کان آزاد آهي تنهن ڪري ڪابه حقيقت بنا ڪنهن رنڊڪ تڪڙي نموني آڏو اچي وڃي ٿي.
سو هاڻي جيئن ٻاهر ڀتين تي لکيل هوندو آهي ته ”خبردار! ڪئمرا جي اک اوهان کي ڏسي ٿي“ تئين هن دور ۾ هر ماڻهوءَ جي موبائيل جي اک اوهان کي ڏسي ٿي تنهن ڪري هاڻي ماڻهن کي پنهنجي حيواني جبلت کي ضابطي ۾ رکڻو پوندو ۽ پنهنجن ڪڌن عملن کي سنڀالڻو پوندو. ائين ئي عوامي نمائندن، اسيمبلي ميمبرن، وزيرن ۽ ڀوتارن کي به پنهنجي طاقت ۽ وڏيرڪي روش کي قابو ۾ رکڻو پوندو ڇاڪاڻ ته هاڻي اوهان کي عوام دشمني ڦٻي نه سگهندي جو ڪئمرا جي اک جي، هر وقت اوهان تي نظر هوندي.
اسان وٽ اصل ۾ اهو به الميو آهي ته هتي ڪير پنهنجي سوچ، ڪردار ۽ عمل بابت ڪو هوم ورڪ ناهي ڪندو مثال طور اوهان عوامي ۽ چونڊيل نمائنده آهيو ۽ ٻاهر نڪرو ٿا ته اهو سوچي نڪرڻ گهرجي ته رستي ۾ اوهان کي هر قسم جو ماڻهو ملندو جيڪو اوهان کان ڪو به سوال ڪري سگهي ٿو، اوهان کان ڪجهه به پڇي سگهي ٿو ۽ اوهان جيئن ته ان آڏو جوابدار آهيو ته اهو اوهان جو فرض آهي ته ان سان سٺي اخلاق سان پيش اچو ۽ سهڻي انداز ۾ سٺي زبان سان جواب ڏيو ڇاڪاڻ ته اوهان عوامي نمائنده آهيو پر اسان اهو به ڏٺو آهي ته پريس ڪانفرنس ڪندي به عوامي نمائندا پڇيل سوالن تي آپي مان ٻاهر نڪري ويندا آهن ۽ توهين جوڳا جواب ڏيندا آهن. يعني اهي عوامي نمائندا پريس ڪانفرنس لاءِ ايتري به تياري ناهن ڪري ويندا ته ڪير جيڪڏهن ڪو اڻ وڻندڙ سوال ڪري وٺي ته ان کي ڪيئن جواب ڏيڻو آهي. نتيجي ۾ پوءِ اهڙو ڪو اڻ وڻندڙ واقعو ٿي ويندو آهي. باري پتافي وارو واقعو به ڪو ان نوعيت جو پهريون واقعو ناهي. ويجهي ماضيءَ ۾ به طاقت جي نشي ۾ عوامي نمائندن سرعام ماڻهن کي چماٽون به هنيون آهن ته سندن تذليل به ڪئي آهي. ٿيڻ ته ائين گهرجي ته حڪومتي سربراهه اهڙن عوامي نمائندن کي فوري طور تي سندن عهدي تان هٽائي ڇڏين ۽ اهو تاثر قائم ڪن ته عوامي ۽ چونڊيل نمائندن کي ان عوام جي بي عزتي ڪرڻ جو حق نه ڏبو جن جي ووٽن سان اهي ۽ اسان اسيمبلين ۾ اچون ٿا، حڪومتن ۾ اچون ٿا يا وڏن عهدن تي رسون ٿا.
اها به حقيقت آهي ته اسان وٽ حڪمراني جو ئي تصور ابتو آهي. اهي عوامي نمائندا جيڪي اصل ۾ عوام جا خادم هوندا آهن سي جڏهن حڪمران بڻجي وڃن ٿا ته پوءِ بادشاهت جي مڳي جو شڪار ٿي وڃن ٿا سو اهو اصل ۾ طاقت جو نشو آهي. اڳوڻو صوبائي وزير باري پتافي به ان ذهني وڏائي جو شڪار هو جڏهن ته ان کي اها پنهنجي عزت سمجهڻ گهرجي ها ته عوام کيس ان قابل سمجهي ٿو ته اهو کيس پنهنجا مسئلا ٻڌائي ٿو ۽ ان مان ڪنهن چڱائي جي اميد رکي ٿو پر ان کي پنهنجي عزت راس نه آئي ۽ پوءِ سوشل ميڊيا تي سندس ڪڌي عمل خلاف جيڪو ڪجهه سرعام ڳالهايو ويو تنهن کي اسان مڪافات عمل ئي چئي سگهون ٿا. چئبو آهي ته جيڪڏهن اوهان ڪنهن کي ڪجهه ڏئي نٿا سگهو ته گهٽ ۾ گهٽ ڪنهن کي ڏکايو به نه. سو عوامي نمائندن کي هن واقعي مان اهو سبق حاصل ڪرڻ گهرجي ته اهڙو ڪڌو عمل نه ڪجي جو وري هٿ ٻڌي معافي گهرڻي پئي جيتوڻيڪ معافي وٺڻ هڪ گڻ آهي، سٺي ڳالهه آهي پر ڪوشش ڪجي ته جتي ڪٿي ماڻهن سان اخلاق سان پيش اچجي ۽ خاص ڪري عوامي نمائندن کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته اهي عوامي جي هر جائز ناجائز سوال جي آڏو جوابدار آهن تنهن ڪري کين ساڻن هر قيمت تي سٺي اخلاق ۽ سٺي زبان سان ڳالهائڻو آهي.