هي شهر هاڻي هڪ کنڊر بڻجي رهيو آهي، حيرانگي ٿي ٿئي ته پوءِ به هن کي ڪڏهن "مِني پاڪستان” ته ڪڏهن "ڪمرشل ۽ پورٽ سٽي” چيو وڃي ٿو، پر حال اهو آهي جو نه سڙڪون گاڏي يا موٽر سائيڪل هلائڻ جي لائق آهن، نه ئي فٽ پاتھ تي پيدل هلڻ ممڪن آهي. اهڙي حالتن ۾ ٿيندڙ ٽريفڪ حادثا ڪنهن قتل کان گهٽ ناهن. يا ته هن شهر کي بهتر ڪرڻ جا پروجيڪٽ شروع ئي ناهن ٿيندا يا پوءِ ايتري دير لڳندي جو ان جا فائدا شهرين تائين پهچندي پهچندي بيڪار ٿي ويندا. ڪاش اسان جا حڪمران ڪڏهن ننڍين گاڏين، رڪشن يا بس ۾ سفر ڪن ته اندازو ٿئي ته هڪ وچولي طبقي وارو ماڻهو ڪهڙي اذيت مان گذري ٿو. هڪ وقت هو، جڏهن برسات جو موسم ايندو هو ته موڪل هجي يا نه هجي، ماڻهو پڪنڪ تي نڪري پوندا هئا. اڄ جيڪڏهن آسمان تي ٿورا به ڳاڙها ڪارا بادل ٿي وڃن ته سرڪاري اعلان ٿيندو آهي: "مهرباني ڪري گهرن کان ٻاهر نه نڪرو، موسم خراب آهي”. ۽ جيڪي گهرن ۾ ويٺل هوندا آهن، اتي بجلي نه ايندي آهي.
برسات ٿوري تيز ٿئي ٿي ته گهٽي محلّا سمنڊ جو ڏيک ڏين ٿا. پر اڄ مان رڳو ڪراچي جي روڊن جي ڳالهه ڪندس. ڪيترائي سال اڳ مشهور ٽي وي سيريل "ففٽي ففٽي” ۾ هڪ شعر ٻڌو هئو: ڇا اها ٽرڪ گذري وئي؟ ها اها ٽرڪ گذري وئي. ڇا اهو روڊ ختم ٿي ويو؟ ها ها اهو روڊ ختم ٿي ويو.” هاڻي اوهان کي رڳو شهر جا ڪجهه اهم روڊ ياد ڏياريان ٿو، جن مان روزانو لکين گاڏيون، موٽر سائيڪلون ۽ بسون گذرن ٿيون. يقين ڪريو، جيڪڏهن رڳو هن شهر جا روڊ ٺيڪ ٿي وڃن، صاف سٿري ٽرانسپورٽ ملي، گٽر اٿلڻ بند ٿي وڃن، نلن مان پاڻي اچڻ شروع ٿي وڃي، ۽ بجلي ڪلاڪن جا لوڊشيڊنگ نه ٿئي، ته اهو شهر بي مَهر به پنج ڪروڙ ماڻهن کي برداشت ڪري سگهي ٿو.
اوهان کي ٻڌائي حيران ڪندس ته اڄ کان 18 سال اڳ، يعني 2007ع ۾ جڏهن مان ڪراچي ڇڏِي اسلام آباد ويو هئس ته ٽيپو سلطان روڊ، شاهراهه فيصل وٽان، پاڻيءَ جي پائپ لائين وجھڻ لاءِ کوٽائي ٿي رهي هئي. 2012ع ۾ واپس ڪراچي آيس ته حال ساڳيو ئي هئو. ڪجهه وقت بعد اهو روڊ ٺهيو پر وري ڀڄي پيو ڄڻ پائپ لائين غلط پئجي وئي هجي يا ڪو ٻيو فالٽ نڪري آيو هجي. هاڻي ڀلي روڊ ٺهي وئي آهي، پر سڄي رهاشي علائقي کي ڪمرشل بڻائي ڇڏيو آهي، جتان گذرڻ ئي محال آهي. هاڻي اچو ته هڪ ٻئي اهم روڊ تي هلون، جيڪو شهر لاءِ صدين جو سور بڻجي ويو آهي ـ جيل روڊ کان صفورا ڳوٺ تائين. پنج سال اڳ اربين رپين سان هڪ شاندار روڊ ٺهيو هو. يقين ڄاڻو، اهو هڪ مثالي روڊ هو. ان کي ٺهڻ ۾ سال، ڏيڍ سال لڳو، پر جڏھن ٺهي ويو ته اسان ٻارن کي به رڳو ڏيکارڻ لاءِ وٺي ويندا هئاسين. رات جو ته ان جي رونق ئي الڳ هوندي هئي. پر حيراني ان ڳالهه تي آهي ته اهڙو شاندار روڊ ٺاهي وري ڪنهن ناقص BRT پروجيڪٽ جي نالي تي ٽوڙي وڌي وئي. ڇا گهٽ ۾ گهٽ ڪجهه سال ته شهرين کي صاف سٿري روڊ تي هلڻ ڏنو وڃي ها! اهو روڊ يونيورسٽي روڊ سڏبو آهي، جتي ڪيترائي ادارا ۽ آفيسون آهن.
گذريل ڪيترا سال کان ان علائقي جا شهري عذاب مان گذري رهيا آهن. جيڪڏهن پروجيڪٽ ۾ دير ٿي رهي آهي ته گهٽ ۾ گهٽ لنڪ روڊز ته ٺاهي ڇڏجن، جيڪي ٻين روڊن کي ملائن ٿا. جيڪي ماڻهو روز سفر ڪن ٿا، سي ورهين کان حقيقي "سفر” ڪري رهيا آهن. ڪجهه سال اڳ ڪريم آباد ۾ هڪ غير ضروري انڊر پاس ٺاهيو ويو، جتي اڳ ئي عورتن لاءِ "مينا بازار” جي نالي سان پلازا ٺهيل هو. حيرت ان ڳالهه تي آهي ته گرومندر کان سپر هاءِ وي تائين هڪ ئي سڙڪ تي ڪيترائي فلاءِ اوور ۽ انڊر پاس ٺهيل آهن، پر ڪا به معياري ناهي. نتيجي ۾ اڄ به لياقت آباد کان فيڊرل بي ايريا ۽ واٽر پمپ تائين ٽريفڪ جام رهندو آهي.
اچو هاڻي ايم.اي. جناح روڊ تي. مزارِ قائد جي چوڌاري انڊر پاس ۽ روڊن جو حال پاڻ اچي ڏسو. قائداعظم به شايد ڏسي رهيا هوندا، ڇو ته هتي ڪڏهن ڪڏهن صدر يا وزيراعظم ايندا آهن، پر ڪنهن غير ملڪي سربراهه کي اچندي به سال ياد نٿو اچي. هي شهر جا سڀ کان اهم ٻه روڊ آهن ـ شاهراهه فيصل ۽ ايم.اي. جناح روڊ ـ جيڪڏهن انهن مان ڪو به بند ٿئي ته سڄو شهر بيحال ٿي وڃي ٿو. گارڊن يا سائٽ ڏانهن رخ ڪريو ته اتي به سالن کان ٽٽل روڊ، جن سبب هر وقت ٽريفڪ جام رهندو آهي ۽ ان سان گڏ ناجائز قبضا.
اسان جي منصوبابنديءَ جو سڀ کان وڏو الميو آهي وقت تي پروجيڪٽ مڪمل نه ٿيڻ ۽ نااهل آفيسرن جي فوج. جڏهن ميرٽ جو ڪلچر ختم ڪيو ويندو ته اهو ئي ٿيندو، جيڪو ڪراچي ۽ سڄي سنڌ سان ٿي رهيو آهي. ڪجهه سياسي دوستن جو خيال آهي ته ڪراچي کي وفاق جي حوالي ڪيو وڃي، پر ساڳئي وقت ڪيترائي اهم پروجيڪٽ وفاق ئي شروع ڪيا آهن جيڪي اڄ تائين مڪمل نه ٿيا آهن. جيڪڏهن ڪراچي ماس ٽرانزٽ، سيف سٽي، ڪي-4 ۽ سرڪلر ريلوي جهڙا منصوبا وقت تي مڪمل ٿي وڃن ها، ته اربين رپيا بچي وڃن ها ۽ ڪيترائي مسئلا حل ٿي وڃن ها. لياري ايڪسپريس وي، ناردرن باءِ پاس، ملير ايڪسپريس وي ۽ شاهراهه ڀٽو جهڙا پروجيڪٽ ننڍا ناهن، پر انهن تي به اهليت جا سوال آهن.
ڄام صادق پل ئي ڏسو، ڪيتريون ڀيرا ٺهي ۽ مرمت ٿي، هاڻي وري ٺهي رهي آهي. اميد ته هن ڀيري بهتر ٺهندي، پر جنهن پهريون ڀيرو ٺهرائي هئي، انهن کان به حساب ورتو وڃي ها. ڀلي وزيراعظم يا وزيراعليٰ دنيا ۾ نه رهيا هجن، پر باقي آفيسرن کان ته جواب طلب ٿيڻ کپي. افسوس ٿئي ٿو ته هڪ شاندار ۽ حياتي سان ڀرپور شهر، جنهن جا روڊ به ويڪرا هيا ۽ ماڻهن جون دليون به ڪشاديون هيون، ان کي کنڊر بڻايو پيو وڃي. اوهين اورنگي ٽائون کان ڪورنگي يا نيو ڪراچي کان صدر اچي ڏسو ته سڀ ڪجهه ظاهر ٿي ويندو. هي شهر پوءِ به جاڳندو رهي ٿو. برسات ۾ گهرن ۾ ئي سمنڊ جو مزو وٺي سگهجي ٿو، ڇو ته نلن مان پاڻي اچي يا نه اچي، گهرن ۾ ته اچي ٿو. سي ويو تي سمنڊ کي به پري ڌڪي ڇڏيو آهي، هاڻي رڳو "ويُو” ڪري سگهون ٿا. اها آهي اڄوڪي ڪراچي!