2005ع جي زلزلي جي ڪيترن ئي هفتن پوءِ، مان وادي نيـلم جي هڪ جبل تي واقع ڳوٺ گجو خواجه پهتو هئس. اتي مون کي هڪ ستن سالن جو ٻارڙو ذيشان مليو. هن منهنجي هٿ ۾ ٽي وي مائيڪ ڏسي چيو: انڪل! مشرف کي ٻڌايو ته سيارو اچي ويو آهي، منهنجي ڳوٺ ۾ اڃا تائين ڪا به امداد ناهي پهتي. مون کي هتي تمام گهڻي ٿڌ لڳي ٿي. ذيشان جو هي پيغام جڏهن ٽي وي پروگرام "ڪئپيٽل ٽاڪ” ۾ٽيليڪاسٽ ٿيو، تڏهن ڄڻ ته زلزلي جهڙو ڌماڪو ٿي پيو. صدر جنرل پرويز مشرف پروگرام ڏسندي ئي لاڳاپيل عملدارن کان پڇيو ته گجو خواجه ۾ امداد ڇو نه پهتي؟ کين ٻڌايو ويو ته هر هنڌ امداد پهچي چڪي آهي، پر حامد مير ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي. صدر مشرف چيو: شڪايت ته هڪ ٻارڙي ڪئي آهي! جواب مليو ته ٻار به ڪوڙ ڳالهائي رهيو آهي، گجو خواجه ۾ ذيشان نالي ڪو ٻار ئي ناهي ۽ حامد مير اتي ويو ئي ناهي، ڇو ته زلزلي کان پوءِ ڳوٺ تائين ويندڙ رستو ٽٽي ويو هو. ايتري تائين به چيو ويو ته حامد مير حڪومت کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڪوڙي ڪهاڻي ٺاهي آهي. مشرف کي جڏهن اهو ٻڌايو ويو ته هو سخت ڪاوڙجي پيو ۽ معاملي جي انڪوائري جو حڪم ڏنائين. ان وقت جي ڊي جي آءِ ايس پي آر ميجر جنرل شوڪت سلطان پي ٽي وي جي پروگرام "نيوز نائيٽ” ۾ اچي مون کي رياست دشمن قرار ڏنو. ٻي ڏينهن وائيس چيف آف دي آرمي اسٽاف جنرل احسن سليم حيات ڪيترن ئي صحافين کي هيلي ڪاپٽر ۾ ويهاري گجو خواجه وٺي ويا. سڀ ذيشان کي ڳولڻ نڪتا هئا. ڪجهه ئي دير ۾ کين ذيشان مليو. هن ٻڌايو ته حامد مير هڪ خچر تي اچي اسان کان پڇيو ته امداد پهتي آهي يا نه، ۽ اسان کيس ٻڌايو ته اڃا تائين ڪا به امداد ناهي پهتي. ذيشان جي اها شاهدي پي ٽي وي جي ڪئميرا تي رڪارڊ ٿي وئي پر نشر نه ڪئي وئي.
مان اهو واقعو وساري چڪو هئس، پر گذريل شام سعودي عرب جي قومي ڏينهن جي تقريب ۾ هڪ صحافي مون کي ياد ڏياريو. هن ٻڌايو ته هو به انهيءَ هيلي ڪاپٽر ۾ ويٺو هو، جيڪو مون کي ڪوڙو ثابت ڪرڻ لاءِ گجو خواجه ويو هو. هن پڇيو: ويهه سال اڳ به اوهان کي پي ٽي وي تي غدار ۽ دشمن قرار ڏنو ويو هو، اڄ جڏهن اوهان ٻيڙيءَ ۾ ويهي ٻوڏ متاثرن جا مسئلا اجاگر ڪريو ٿا ته پنجاب جي اطلاعت واري وزير اوهان کي پنجاب دشمن سڏي ٿي. اوهان لاپتا ماڻهن جو ذڪر ڪريو ٿا ته "مارخور” نالي اڪائونٽ اوهان کي بي ايل اي جو ساٿاري قرار ڏئي ٿو. آخر ويهه سال ۾ بدلا ڇا آهي؟ اوهان ملڪ ڇڏڻ جو ڪڏهن نه سوچيو؟ مون کيس ٻڌايو ته 2007ع جي وڪيل تحريڪ دوران جڏهن منهنجن ٻارن تي اسڪول ويندي حملا ٿيا، مون ٻارن کي ملڪ کان ٻاهر موڪليو، پر مان پاڻ پاڪستان ۾ رهيس. مون تي پابنديون لڳايون ويون، پر مون مزاحمت ڪئي ۽ ڪجهه مهينن کان پوءِ وري اسڪرين تي واپس آيس. منهنجي ڪار هيٺ بم رکيو ويو، ڪراچي ۾ قاتلاڻو حملو ٿيو، توهين رسالت، قتل ۽ اغوا جا ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا، پر مون ملڪ ڇڏڻ نه سوچيو. حڪومتون اينديون وينديون رهيون. ايترو ته ٿيو جو جن مون کي غدار سڏيو، تن ئي ڪڏهن هلال امتياز ته ڪڏهن تمغه امتياز ڏئي پنهنجي ڳالهه رد ڪئي.
اصل طاقت الله جي آهي. جيڪڏهن الله تي ڀروسو ڪيو وڃي ته عوام جي تائيد ۽ ساٿ ختم نه ٿيندو. تنهنڪري مون ڪڏهن به عام پاڪستانين کي ڇڏي ٻاهر وڃڻ تي غور نه ڪيو، پر افسوس ان ڳالهه جو آهي ته گذريل پچويهه سالن ۾ هڪ نسل جوان ٿي وئي، پر رياست غدارن جي لسٽ وڌائيندي رهي. جيڪو به اختلاف ڪري يا پنهنجو حق گهري، اهو غدار قرار پوي ٿو. هاڻي اهو عمل بلوچستان ۽ خيبر پختونخوا کان وڌي آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان تائين پهچي چڪو آهي. رياستي ناڪامين کي لڪائڻ لاءِ هاڻي پنجابي عصبتيت کي هوا ڏني پئي وڃي. پنجاب حڪومت اهڙن ماڻهن جي سرپرستي ڪري ٿي، جيڪي سنڌين ۽ پختونن جي توهين تي فخر ڪن ٿا. صورتحال ايتري خراب ٿي وئي آهي جو جيڪڏهن اوهان فلسطين تي قائداعظم جي موقف جي حمايت ڪريو ته پنجاب جا ڪجهه دانشور اوهان کي جذباتي ۽ گمراهه قرار ڏين ٿا. مون کين جواب ۾ ياد ڏياريو ته فلسطيني عوام جي قربانين جي ڪري ئي پاڪستان ۽ سعودي عرب ۾ دفاعي تعاون جو معاهدو ٿيو. قائداعظم جڏهن فلسطين جي ورهاڱي کي رد ڪيو هو ته اڄ جا حڪمران ڪيئن ڪري ورهاڱي جي حمايت ڪن؟ ڇا رڳو انڪري جو برطانيه ۽ فرانس کيس حل سڏين ٿا؟ جيڪڏهن نيتن ياہو ٻه رياستي فارمولو رد ڪري ٿو، ته اسان کيس حل ڪيئن سمجهون؟ مون کي خدشو آهي ته جلد ئي هن ملڪ ۾ قائداعظم جي تعليمات جو حوالو ڏيڻ تي به غدار جا الزام لڳندا.
تازو مون قبائلي علائقن ۽ افغانستان بابت قائداعظم جي سوچ تي تحقيق ڪئي. ڏاڍو افسوس ٿيو ته هتي به اسان مڪمل طور تي قائداعظم جي پاليسي جي ابتڙ هلي رهيا آهيون. قائداعظم جيڪي واعدا پختون قبيلن سان ڪيا هئا، اسان جا حڪمران وساري ويٺا. حڪمران ٻڌائين ٿا ته 30 سيپٽمبر 1947ع تي افغانستان پاڪستان جي گڏيل قومن ۾ رڪنيت جي مخالفت ڪئي هئي، پر اهو نٿا ٻڌائين ته قائداعظم مقابلي بدران فوري طور پنهنجو نمائندو سيد الله خان افغانستان موڪليو. سيد الله خان فارسي ۽ پشتو ڄاڻندو هو. هن افغانستان جي وزيراعظم شاهه ولي خان ۽ ظاهر شاهه سان ڳالهيون ڪيون ۽ 20 آڪٽوبر تي افغانستان پنهنجي ووٽ واپس ورتو.ن مان ثابت ٿئي ٿو ته افغانستان سان مسئلا ڳالهه ٻولهه سان حل ٿي سگهن ٿا. افغانستان کي دشمن قرار ڏيڻ قائداعظم ۽ اقبال ٻنهي جي سوچ جي توهين آهي. ايوب خان اها توهين ڪري بنگالين کي ڌار ڪيو، ۽ اڄ ساڳي سوچ بلوچستان، پختونخوا ۽ آزاد ڪشمير ۾ رد ٿي رهي آهي. جيڪي نعرا بلوچستان ۾ لڳندا هئا، اهي اڄ مظفرآباد تائين پهچي ويا آهن. هي سڀ ڪجهه ڪنهن جي ناڪامي آهي؟ هي اصل ۾ اينٽي قائداعظم پاليسي جي ناڪامي آهي. گذارش آهي ته واپس قائداعظم ڏانهن اچو. قبيلن، بلوچن، ڪشميرين ۽ فلسطينين سان جيڪي واعدا قائداعظم ڪيا هئا، تن کي ياد ڪيو. وعدا ياد ڪرائڻ وارن کي جذباتي يا غدار قرار ڏيڻ ڪنهن مسئلي جو حل ناهي.