اخبارون قومي شعور جي آبياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن پيون: صدر زرداري

اسلام آباد( بيورو رپورٽ/م ڊ) صدر پاڪستان آصف علي زرداري اخبار پڙهڻ جي قومي ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته اخبارون قومي شعور جي آبياريءَ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن۔ هن چيو ته باشعور شهري ئي جمهوريت جي اصل بنياد آهن ۽ اخبارن هميشه عوام کي باخبر رکيو ۽ ناانصافين کي وائکو ڪيو۔ صدر زور ڏنو ته سوشل ميڊيا جي دور ۾ ذميوار صحافت جا قدروڌيڪ قيمتي ٿي ويا آهن ڇاڪاڻ⁠تہ اخبارون رڳو خبر نه پر کوجنا ۽ پس منظر به مهيا ڪن ٿيون۔ هن چيو ته دنيا جي بهترين اخبارن چئلينجن باوجود ترقي ڪئي آهي ۽ پاڪستان جون اخبارون به عوام جي اعتماد ۽ وفاداريءَ تي ترقي ڪري سگهن ٿيون۔ صدر آصف علي زرداري نوجوان نسل کي نصيحت ڪئي ته اهي اخبارون پڙهڻ جي عادت اختيار ڪن. پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري قومي اخبار پڙهندڙ ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته مون کي انتهائي خوشي آهي ته آل پاڪستان نيوز پيپرز سوسائٽي (APNS) هر سال 25 سيپٽمبر تي قومي اخبار پڙهندڙ ڏينهن ملهايو ٿي. هن موقعي تي مان اخبارن جي برادري سان جڙيل سڀني ماڻهن کي دل جي گهراين سان ساراهيان ٿو، جيڪي قومي سطح تي اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڏهاڪن کان وٺي اخبارون هڪ بنيادي ۽ معتبر ذريعو رهيون آهن، جيڪي ريڊيو ۽ ٽي وي جهڙي اليڪٽرانڪ ميڊيا جي اچڻ کان پوءِ به پنهنجي اهميت برقرار رکڻ ۾ ڪامياب رهيون آهن. اخبار پڙهندڙن کي هميشه سماج جا وڌيڪ باشعور فرد سمجهيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.