سٺي پروگرام تي هڪ مخصوص طبقو ناڪاري پروپيگنڊا ڪندو آهي:ناصر شاهه

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي توانائي واري وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت انساني جانيون بچائڻ لاءِ ريبيز ڪنٽرول /۽ ويڪسينيشن پروگرام تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي. هو جناح اسپتال ڪراچي ۾ ريبيز آگاھي پروگرام ۾ خطاب ڪري رهيو هو. ناصر حسين شاهه چيو ته ڪلڪ جي تحت ريبيز ڪنٽرول پروگرام شروع ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ڪراچي ۾ ڇهه سينٽر قائم ڪيا ويا آهن، جڏهن ته صوبي جي سڀني ڊويزنز ۾ به اهي سينٽر ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته "اڄ جو پروگرام انتهائي اهم آهي ۽ اڳي جي ڀيٽ ۾ هاڻي هن بيماري جو علاج ڪافي آسان ٿي ويو آهي.” هن وڌيڪ چيو ته سماج جو الميو آهي جو جڏهن به ڪو سٺو پروگرام شروع ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو ان تي منفي پروپيگنڊا ڪندو آهي. هن زور ڏنو ته ماڻهن کي ريبيز کان ڊڄڻ بدران ان جو بروقت علاج ڪرائڻ گهرجي. توانائي واري وزير چيو ته آوارا ڪتن جي ويڪسينيشن سان هن مرض تي اثرائتو ضابطو آڻي سگهجي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.