سنڌ جي زمينن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا:اياز پليجو

حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته  گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا ،هن چيو ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ، زمينن ۽ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. هن چيو ته  پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون، ٻيٽ، جبل، ڪارونجهر ڍنڍون ڍنڍورو ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.