اسلام آباد (بيورو) اسلامي نظرياتي ڪائونسل پنهنجي اجلاس ۾ ڪيل فيصلي بعد چيو آهي ته مشهور مذهبي اسڪالر انجنيئر محمد علي مرزا جا ڪجهه بيان گستاخي تي ٻڌل آهن ۽ ڪنهن به شرعي مقصد کان سواءِ چيا ويا آهن، تنهنڪري هو سخت سزا جو حقدار آهي، نجي ٽي وي موجب اجلاس چيئرمين ڊاڪٽر راغب نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ جسٽس (ر) ظفر اقبال چوڌري، ڊاڪٽر عبدالغفور راشد، صاحبزاده پير خالد سلطان قادري ۽ ٻين شرڪت ڪئي، ڪائونسل پنهنجي فيصلي ۾ چيو ته مرزا جا ڪيترائي بيان نقل ڪفر تي ٻڌل آهن پر ڪنهن به جائز شرعي ضرورت سان نه چيا ويا آهن، جيڪو سنگين ڏوهه آهي، هڪ ويڊيو ۾ سندن بيان قرآن پاڪ جي توهين ۽ معنوي تحريف ۾ اچي ٿو ۽ توهين رسالت تائين وڃي ٿو، تنهنڪري ان تي توهين قرآن جون شقون به لاڳو ٿيڻ گهرجن، اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو چوڻ آهي ته مرزا جا بيان "فساد في الارض” جو سبب بڻيا آهن.