حيدرآباد(پ ر)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو آهي ته گرين پاڪستان سنڌ جي ھزارين ايڪڙ زمينن تي قبضي جو منصوبو آھي، سنڌ جي لکين ايڪڙ زمين مختلف ڪمپنين ۽ ادارن کي ڏئي سنڌي ماڻهن کي پنهنجي ڌرتي تان بي دخل ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو ويو آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي نالي ۾ سنڌ جي زمينن تي قبضا برداشت نه ڪيا ويندا ،هن چيو ڪئنال، ڪارپوريٽ فارمنگ منصوبا سنڌ دشمن آھن. پ پ پ حڪومت جي ايجنڊا تي صرف اقتدار ۽ ڪرپشن آھي. سنڌي ماڻھو پنھنجي درياھ، زمينن ۽ ڌرتي کي بچائڻ لاءِ رت آخري ڦڙي تائين وڙھندا ھي نسلن جي جنگ آھي. هن چيو ته پيپلز پارٽي اقتدار عيوض سنڌو درياھ، زمينون، ٻيٽ، جبل، ڪارونجهر ڍنڍون ڍنڍورو ۽ وسيلا وڪڻي ڇڏيا آھن. سنڌ کي پنھنجي حصي جو پاڻي نٿو ڏنو وڃي.