اسلام آباد (بيورو) پي ٽي آءِ ڪارڪن فلڪ جاويد خان کي گرفتار ڪيو ويو، تحريڪ انصاف پاران سوشل ميڊيا پليٽفارم ”ايڪس“ تي گرفتاري جي سخت مذمت ڪئي وئي، ذريعن موجب فلڪ جاويد کي گذريل رات اسلام آباد جي سيڪٽر ايف-10 مان گرفتار ڪيو ويو، مٿس الزام آهي ته هوءَ چڙ ڏياريندڙ مهم هلائي رهي هئي ۽ رياستي ادارن خلاف توهين آميز مواد پکيڙي رهي هئي، مٿس اليڪٽرانڪ ڪرائيم ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو، فلڪ جاويد گذريل 16 مهينن کان روپوش هئي، فلڪ جاويد جي آزادي لاءِ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جيڪا سندس والد جاويد اقبال طرفان داخل ڪئي وئي. درخواست ۾ عدالت کان مطالبو ڪيو ويو ته فلڪ جاويد کي عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ سندس خلاف داخل ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن.