اختر مينگل جي ٻاهرين ملڪ سفر تي پابندي غيرقانوني قرار

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)بلوچستان هاءِ ڪورٽ سردار اختر مينگل تي لاڳو ڪيل ٻاهرين ملڪن ڏانهن سفري پابندين کي غير قانوني قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔بلوچستان نيشنل پارٽي جي سربراهه سردار اختر مينگل تي مارچ ۾ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي ٻين عورت اڳواڻن جي گرفتاري خلاف ڌرڻي ۽ احتجاج کان پوءِ ڪيترائي ڪيس داخل ڪيا ويا هئا ان سان گڏ انهن جي پرڏيهي سفر تي به پابندي لڳائي وئي هئي۔انهن پابندين جي ڪري سردار اختر مينگل دبئي نه وڃي سگهيو هو جتي ڊگهي بيماري سبب سندس زال علاج هيٺ هئي۔ سردار اختر مينگل ان سفري پابندي کي بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو هو۔سردار اختر مينگل جي وڪيل ساجد ترين ايڊووڪيٽ ٻڌايو ته عدالت بي اين پي سربراهه تي لاڳو ڪيل سفري پابندين کي غير آئيني ۽ غير قانوني قرار ڏيندي وفاقي حڪومت کي حڪم ڏنو آهي ته سندن نالو فهرست مان ڪڍيو وڃي۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.