سنڌ جي شعور آڏو گوڏا کوڙيندي ڀوتار هٿ ٻڌي ورتا

ڏھرڪي/ ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: اجيت ڪمار/ خالد وسير) ڏهرڪي جي ماڙي پيٽروليم گيس ڪمپني جي انتظاميه پاران مقامي نوجوانن کي نظرانداز ڪري ٻين صوبن جي ماڻهن کي گهرائي نوڪريون ڏيڻ خلاف مقامي شاگردن جو ڇهين ڏينهن کان گيٽ آڏو احتجاج جاري رکيو، شاگردن پاران لڳل ڌرڻي آڏو باري خان پتافي جي گذرڻ تان شاگردن پاران اڳوڻي صوبائي وزير ڀوتار باري پتافي جي گاڏي روڪي مسئلا حل ڪرڻ جي اپيل ڪئي پر باري پتافي احتجاج ڪندڙ شاگردن جون ڳالهيون ٻڌڻ بدران مڇرجي هڪ شاگرد ڪريم داد مهر کي ٿڦ وهائي ڪڍي، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سوشل ميڊيا تي باهه ٻري وئي، باري پتافي شاگرد جي موبائل به ٽوڙي ڇڏي ۽ گاڏي ۾ هليو ويو، باري پتافي جي اهڙي عمل خلاف متاثر شاگردن پاران سخت احتجاج ڪيو ويو، شاگردن ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته مختلف برادرين جا 200 کان مٿي شاگرد ماڙي گيس ڪمپني جي انتظاميه پاران مقامي نوجوانن کي نوڪرين ۾ نظر انداز ڪري ٻين صوبن جي شاگردن کي گهرائي نوڪريون ڏيڻ خلاف گذريل 6 ڏينهن کان پرامن احتجاج ڪري رهيا آهيون، اڄ اسان جي احتجاجي ڌرڻي آڏو آئل اينڊ گيس جو چيئرمين باري پتافي گذريو جنهن جي گذرڻ دوران احتجاج ڪندڙ شاگردن باري پتافي کي سر چئي کيس گاڏي آڏو اچي دانهڻ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي پر باري پتافي اسان جون شڪايتون ٻڌڻ بدران مڇرجي شاگرد ڪريم داد مهر کي ٿڦ وهائي کيس موبائل فون ٽوڙي گاڏي ۾ روانو ٿي هليو ويو، باري پتافي هڪ شاگرد کي ٿڦ ناهي هنئي پر هن پاڪستان جي سمورن شاگردن کي ٿڦ هنئي آهي جنهن جو حساب باري پتافي کي گهر گهر ووٽ وٺڻ مهل ڏيڻو پوندو، هوڏانهن باري پتافي پاران احتجاج ڪندڙ شاگرد کي ٿڦ وهائي ڪڍڻ جي ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيڻ تي باري پتافي مٿان ڇتي تنقيد ٿيڻ بعد باري پتافي احتجاج ڪندڙ شاگرد وٽ پهچي کيس ڪيل عمل تي شاگرد ڪريم داد مهر کي ڀاڪرين ڀري کيس معافي ورتي، باري پتافي جو چوڻ هو ته مان تڪ ۾ تعزيت جي پروگرام تي وڃي رهيو هئس ته ڪجهه شاگردن گاڏي آڏو اچي گاڏي کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي ته ٻي شاگرد جي ڌڪي سبب شاگرد جي موبائل فون ڪري ٽٽي پئي پر ان باوجود مان پنهنجي غلطي تسليم ڪندي اوهان کان معافي طلب ڪيان ٿو، مون شاگرد کي ٿڦ ناهي هنئي پوءِ به معافي گهران ٿو، مان ڪو ڀوتار ناهيان جو ماڻهو مارائي ڇڏيان، ڀوتار باري پتافي پاران معافي بعد متاثر نوجوان ڪريم داد مھر کيس غير مشروط معافي ڏيندي ساڻس ڀاڪر پائي ڇڏيو، ڪريم داد مھر چيو ته اسان جي باري پتافي سان ڪا به دشمني ناھي نه وري اسان سياسي گيم ڪري ھُن خلاف واويلا ڪرڻ چاھيون ٿا، مون باري پتافي جي گاڏي روڪي کائنس مدد طلب ڪئي جنھن دوران ھن مون کي چماٽ ھنئي جيڪا موبائل ۾ لڳي، ھن چيو ته باري پتافي اسان وٽ ڪھي آيو اسان هُن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي، باقي ماڙي  پيٽروليم گئس ڪمپني خلاف بنيادي مسئلن جي حل تائين احتجاج جاري رھندو.

سنڌ جي شعور آڏو گوڏا کوڙيندي ڀوتار هٿ ٻڌي ورتا

ميرپورماٿيلو: شاگرد ڪريم داد مهر کي ٿڦ هڻڻ واري وڊيو وائرل ٿيڻ بعد سخت عوامي رد عمل بعد ڀوتار هٿ ٻڌي معافي وٺي ڇڏي، نوجوان شاگرد کي چماٽ وهائڻ واري خبر جهنگ ۾ باهه جيان پکڙجي وئي، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان سخت عوامي رد عمل اچڻ بعد ڀوتار شاگرد کان معافي وٺي جان ڇڏائي، عبدالباري پتافي نوجوان وٽ پهچي پنهنجي عمل تي معافي ورتي، جنهن تي نوجوان کيس معاف به ڪيو، سماجي حلقن جو چوڻ آهي ته عوامي شعور آڏو ڀوتار گوڏا کوڙڻ تي مجبور ٿيو، هر هڪ ڀوتارڪي زيادتي تي ائين ئي رد عمل هجڻ گهرجي، سوشل ميڊيا تي ڪيترن ئي ماڻهن پاران باري پتافي جي معافي کي رد ڪيو ويو ۽ چيو ويو ته ڀوتار تي ڪيس داخل ڪيو وڃي، معافي مان ڪم نه هلندو.

شاگردن ماڙي انرجيز جي ڪرنل کي جواب ڏئي ڇڏيو

ڏهرڪي: شاگردن جي احتجاج کي ماٺو ڪرڻ لاءِ ماڙي انرجيز جو ڪرنل منير احمد ڌرڻي واري ھنڌ پھتو جتي ھن احتجاج ڪندڙ نوجوانن جي اڳواڻن سان ڳالھيون ڪيون ۽ کين مسئلا حل ڪرائڻ جي تسلي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ کين چيو ته سندن جائز مطالبا حل ڪريا ويندا پر نوجوانن کيس سکڻين ڳالھين سان احتجاج ختم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، ھنن ماڙي جي آفيسر مٿان واضح ڪيو تہ ماڙي فيلڊ ۾ نوجوانن جي ڀرتي ٿيڻ تائين احتجاج جاري رھندو، ھوڏانھن تراب شر حاتن شر، مير حسن لاشاري ۽ ٻين قوم پرست اڳواڻن ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين جي حمايت جو اعلان ڪيو آھي.

گهوٽڪي بار پاران باري پتافي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو

ميرپورماٿيلو: شاگرد کي ٿڦ هڻڻ واري معاملي تي گهوٽڪي بار پاران باري پتافي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو، قانوني ڪارروائي نه ٿي ته عدالتن جو بائڪاٽ ڪيو ويندو، ڊسٽرڪٽ بار گهوٽڪي جي صدر ايڊووڪيٽ شاهنواز وسير، جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ لعل بخش گهوٽو سميت سنڌ بار جي اڳواڻ ايڊووڪيٽ عبدالرزاق مهر گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي باري پتافي مٿان ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، عبدالرزاق مهر ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته شاگرد کي چماٽ هڻندڙ ڀوتار تي ڪيس داخل نه ٿيندو ته عدالتي ڪارروائين جو بائڪاٽ رهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.