نيويارڪ(عوامي آواز نيوز)گذريل رات آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ڪجهه اهم اسلامي ملڪن جي سربراهن سان غزه جي تڪرار بابت هڪ خصوصي گڏجاڻي ۾ شرڪت ڪئي، جنهن ۾ پاڪستان جو وزيراعظم شهباز شريف به موجود هو، هن اجلاس بابت ڪو باضابطه اعلاميو جاري نه ڪيو ويو، تنهن ڪري اهو واضع ناهي ٿيو ته ڳالهه ٻولهه ۾ ڇا طئي ٿيو ۽ اسلامي ملڪن جي سربراهن غزه يا ٻين معاملن تي ڪهڙو موقف پيش ڪيو۔ مبصرن موجب ٽرمپ جي شهباز شريف سميت اسلامي ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقات انتهائي اهميت رکي ٿي۔اجلاس کان اڳ جي هڪ وڊيو ۾ شهباز شريف کي خوشگوار موڊ ۾ صدر ٽرمپ سان غير رسمي گفتگو ڪندي ڏٺو ويو، جتي نائب وزيراعظم اسحاق ڊار به ساڻس گڏ هئا۔ وزيراعظم هائوس پاران جاري ڪيل هڪ ٻي وڊيو ۾ شهباز شريف کي قطري امير، اردن جي بادشاهه عبدالله ٻيون ۽ انڊونيشيا جي صدر پرابووو سوبيانتو سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي ڏيکاريو ويو، جتي قطري امير ۽ شاهه عبدالله ڌيان سان شهباز شريف جي ڳالهين کي ٻڌي رهيا هئا۔مبصرن جي خيال ۾، اسلامي ملڪن جي سربراهن سان گڏيل اجلاس ۾ پاڪستان جي شموليت وچ اوڀر ۾ پاڪستان جي وڌندڙ اهميت جو ثبوت آهيٻئي پاسي تجزئي نگارعامر الياس رانا موجب واشنگٽن ۾ سابق آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ۽ وزيراعظم شهباز شريف جي ملاقات لاءِ تياري مڪمل آهي، البت وائٽ هائوس طرفان سرڪاري اعلان تائين محتاط رويو رکيو پيو وڃي۔ ملاقات ۾ ۾ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عاصم منير به شرڪت ڪندو۔ هن ملاقات ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جي لاڳاپن تي جامع ڳالهه ٻولهه ٿيندي جڏهن ته افغانستان جي تازي صورتحال تي به ڳالهه ٿيندي۔ ايران ۽ قطر سان لاڳاپيل معاملا به ايجنڊا جو حصو هوندا۔