ڪنڌڪوٽ مان اغوا ٿيل پوليس اهلڪار بازياب

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر) ڪنڌڪوٽ ۾ پنج ڏينھن اڳ اغوا ٿي ويل پوليس اھلڪار فضل الرحمان کوسو کي پوليس پاران مقابلي ۾ بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي وئي آهي، قمبراڻي پوليس چوڪي تي ڀيا گينگ پاران حملو ڪري پوليس اھلڪار فضل الرحمان کوسو کي اغوا ڪيو ويو هو، ايس ايس پي محمد مراد گھانگھرو جي ترجمان موجب آپريشن ۾ ٽن ڏوھارين کي ماري ڪجهه کي زخمي ڪيو جنهن بعد به مسلسل آپريشن جاري رھيو جنھن سبب ڏوھارين کان مغوي اھلڪار کي خيريت سان بازياب ڪرائي ورتو آهي، بازياب ٿيڻ بعد پوليس ۽ مغوي جي وارثن پاران خوشي جو اظھار ڪيو ويو، ايس ايس پي جو چوڻ آهي ته ڪنڌڪوٽ جو امن امان خراب ڪندڙ ڪنهن به ڏوھاري کي بخش نه ڪيو ويندو، اغوا، ڦرون ۽ ڏوهه ڪندڙ ڏوھاري پنهنجي انجام لاءِ تيار رھن،

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.