ڪنڌڪوٽ (رپورٽ: ممتازسنڌي) ڪنڌڪوٽ انڊس ھاءِ وي ملير وٽ ٽرالر ۽ لوڊر رڪشا ۾ ٽڪر ٿي پيو، ھڪ معصوم ٻار ۽ ٻه عورتن سميت چار ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏھن ته پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين ۾ ٻن ڄڻن جي حالت نازڪ ٻڌائي وئي، انڊس ھاءِ وي سي سيڪشن ٿاڻي جي حد ملير ڀرسان شھر کان ڳوٺ ويندڙ لوڊر رڪشا جو سامھون ايندڙ ٽرالر سان ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي ۾ لوڊر رڪشا ۾ سوار معصوم ٻار وڪيل، ٻه عورتون ماروي خاتون، خانزادي سميت چار ڄڻا موقعي تي فوت ٿي ويا، جڏھن ته ٻن معصوم نينگرن سميت پنج ڄڻا زخمي ٿي پيا، حادثي جي اطلاع تي ريسڪيو ٽيمون واقعي واري ھنڌ پھچي زخمين ۽ فوتين جا لاش کڻائي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ پهچايو جتي زخمين کي طبي امداد ڏئي ڪري سکر ۽ لاڙڪاڻي طرف اماڻيو ويو، جڏهن ته فوتين جا لاش ضروري قانوني ڪاغذي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيا ويا، لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو، فوتين ۽ زخمين جو تعلق بنگوار برادري سان ٻڌايو پيو وڃي، ٽرالر کي پوليس پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، حادثو ڪندڙ ٽرالر واقعي واري ھنڌ پوليس جي تحويل ۾ آهي، جڏھن ته ڊرائيور ۽ ڪلينر فرار ٿي ويا.